گهارو ۾ فوڊ عملي پاران هوٽلن ۽ بيڪرين تي ڇاپا

فوڊ سيفٽي آفيسر نتاشا هاشماڻي جي اڳواڻي ۾ ڇاپا هنيا ويا

گهارو ۾ فوڊ عملي پاران هوٽلن ۽ بيڪرين تي ڇاپا

ٺٽو(ڊ ر)گھارو شهر جي مختلف هوٽلن ۽ بيڪرين تي فوڊ کاتي جي عملدارن جاڇاپامختلف هوٽلن , بيڪرين ۽ پڪوان سينٽرن تي صفائي نه هجڻ کاڌي جي شين ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ سبب مٿن هزارين روپيه ڏنڍبوڌو ويو فوڊ کاتي جي فوڊسيفٽي آفيسر ميڊم نتاشاهاشماڻي پنهنجي ٽيم سميت گهارو جي مختلف هوٽلن،بيڪرين ۽ پڪوانن سينٽرن تي ڇاپا هڻي سندن ڪچن ۾ استعمال ٿيندڙ ناقص ۽ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار مصالحن غيرمعياري شين جي استعمال ڪرڻ تي عزيز بيڪري ۾ موجود مدي خارج سوين ڪيڪ ۽ سوين ڪلو مٺائيءَ کي ضايع ڪيو ويو،ان کان علاوه ڪيترن ئي پڪوانن،هوٽلن ۽ بيڪرين تي پڻ غيرمعياري کاڌا تيارڪرڻ تي مٿن هزارين روپيه ڏنڍ هڻي ڇڏيو سيفٽي فوڊ آفيسرنتاشاهاشماڻي پاران انهن کي تاڪيد ڪئي ته انساني صحت سان راند ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو،ان موقعي تي فوڊ سيفٽي آفيسر ميڊم نتاشاهاشماڻي ميڊياسان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي ۾ غير معياري خوراڪ وڪرو ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪري شهرين کي سندن صحت موجب معياري خوراڪ يقيني بڻائڻ لاءِ فوڊ کاتي جون ڪوششون جاري رهنديون