English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميرپورخاص ۾ سنڌياڻي تحريڪ پاران نوان ڪئنال نصوبي خلاف احتجاجي ريلي ۽ بک هڙتال
views
|
10th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
حڪمرانن سنڌ کي 100 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي، ترقي بدران بک، بدحالي ۽ بيروزگاري ڏني وئي آھي: اڳواڻ
ميرپورخاص(بيورو) ميرپورخاص ۾ سنڌياڻي تحريڪ سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ، ڪرپشن، زمينن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ناھيد جوڳي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، بختاور چنڊ، ميڻي ڪولھي، جميلا لغاري، پروين لغاري، نجمه آرائين، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري صبا سمون جي اڳواڻي ۾ سوين سنڌياڻين ميرپور خاص پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي بک ھڙتالي ڪئمپ تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر ڊپٽي سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، شوڪت نوحاڻي، مجيد ٻگھيو، ايڊووڪيٽ ذاڪر لغاري، گل حسن پلي، راجا دسرت، خادم سمون، نذير بليدي، سماجي اڳواڻ واجد لغاري، نصرالله ڪنڀار، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ڪرڙ ريٻاري سميت وڏي تعداد ۾ ڪارڪن شِرڪت ڪئي بک ھڙتالي ڪيمپ تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ناھيد جوڳي خط ڪندي چيو تہ وفاق ۽ پ پ حڪومت سنڌ کي 100 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. ترقي بدران بک، بدحالي ۽ بيروزگاري ڏني وئي آھي. سنڌ جي معيشت زراعت کي قتل ڪيو پيو وڃي. ڪئنالن جو منصوبو سنڌ جي پنج ھزار سالا تھذيب تي حملو آھي. گرين پاڪستان سنڌ کي بنجر بنائڻ جو منصوبو آھي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. پنجاب سنڌو درياھ کي قيد ڪري رھيو آھي. وزيراعظم شھباز شريف ۽ صدر آصف زرداري ٻڌائين تہ توھان کي ڪئنال کپن يا پاڪستان کپي. پيپلزپارٽي حڪومت سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. نوڪريون ۽ ڊگريون وڪرو ٿين ٿيون. ٿرڪول جي بجلي مان پنجاب ۾ 2 يونٽ فري ڏني وڃي ٿي پر ٿرپارڪر جا ھزارين ڳوٺ بجلي سميت بنيادي سھولتن کان محروم آھن. ڪوھستان، ڪراچي، ساحلي پٽي سميت وڏن شھرن جون زمينون لينڊ مافيا جي حوالي آھن. آصف زرداري کي فوري طور تي استعفي ڏيڻ گھرجي. سنڌ جي مفادن خلاف ڪو بہ فيصلو يا منصوبو قبول ناھي. سنڌ جي عورتن کي پنھنجن ڀائرن، پٽن ۽ نياڻين سان گڏجي پنھنجي درياھ، زمينن ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ ٿيندڙ جدوجھد ۾ ھر اول دستي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي خطاب ڪندي تہ سنڌو درياھ تي لڳندڙ ڌاڙي تي خاموش ڪون ويهبو، سنڌ دشمن ۽ عوام دشمن منصوبي خلاف روڊن ۽ رستن تي سياسي جدوجهد ھلائي ويندي سنڌ جا 7 ڪروڙ ماڻهو درياھ جي مٿان غير قانوني ۽ غير آئيني رٿا کي ڪنهن بہ صورت ۾ قبول ڪون ڪندا سنڌ ۾ پاڻي جي سخت اڻاٺ آهي، هزارين ايڪڙ پڇڙي جي زرخيز زمين پاڻي نہ پهچڻ سبب بنجر بڻجي وئي آهي. سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آهي. مٿان وري نوان ڪئنال جوڙڻ جون عوام دشمن رٿائون جوڙي سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. نصرت خاصخيلي چيو تہ سنڌو درياھ جو رخ تبديل ڪرڻ ملڪ خلاف موت آھي. آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي غير آئيني ۽ سنڌ دشمن منصوبن ۾ سھولتڪار آھي. ملڪ جي صدر کي سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ جو ڪو بہ اختيار ناھي. انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ کي ضرورت جيترو پاڻي ناھي. جيڪڏھن 6 نوان ڪئنال ڪڍيا ويا تہ سنڌ بنجر ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويندي. سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو ڪروڙين ماڻھن جي اڃ مارڻ ۽ لکين ايڪڙ زمين بنجر بنائي سنڌ کي معاشي طور قتل ڪرڻ جو منصوبو آھي. پيپلز پارٽي اقتدار عيوض سنڌ جو پاڻي ۽ وسيلا وڪڻي رھي آھي. م ارسا ايڪٽ ۾ ترميم قبول ناھي. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري صبا سمون خطاب ڪندي چيو تہ ھن وقت سڀ کان وڌيڪ سنڌ مسئلن جي گھيري ۾ آھي.سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻي 6 ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو رڳو آبادگارن جو ناھي، ھي ھر شھري جو مسئلو آھي، سنڌ کي جي ڪو ٿورو گھڻو پاڻي ملي ٿو اھو بہ بند ٿي ويندو. سنڌ ڀڙڀانگ ۽ بنجر ٿي ويندي. سنڌياڻي تحريڪ درياھ تي ڌاڙي خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي آھي. اسين خاموش نہ ويهنداسين. سنڌ جي ماڻهن ڪالا باغ ڊئم کي سياسي جدوجهد وسيلي رد ڪيو ھاڻي بہ سنڌ جون بھادر نياڻيون پر امن جدوجھد ذريعي سنڌو درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙي کي ناڪام ڪنديون. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ بختاور چنڊ خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ کي ھٿ وٺي غربت ۽ بدحالي جي کڏ ۾ اڇلايو ويو آھي. پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي ماڻھن کان اٽو، لٽو ۽ اجھو کسيو آھي. جيڪڏھن 6 نوان ڪئنال ڌاڙيل واھ ٺھي ويا ته سنڌ بنجر ۽ کنڊر بنجي ويندي. سنڌ ۾ زرعي تباھي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ غربت ۽ بيروزگاري جنم ورتو آھي. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام کان مڪمل لاتعلق آھن. ڪرپٽ حڪمرانن جي ايجنڊا صرف پئسي جي ڦرلٽ آھي. جنھنڪري سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالون موت جو گھر آھن. اسڪولن ۽ ڪاليجن جي حالت رحم جوڳي آھي. سنڌياڻي تحريڪ ميرپورخاص ضلعي جي صدر ميڻي ڪولھي خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار جي حوس خاطر سنڌ دشمن فيصلا ڪري رھي آھي، سنڌ سرڪار جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي. پيپلز پارٽي ۽ زرداري مافيا بلاول ڀٽو زرداري کي وزير اعظم بڻائڻ خاطر سنڌو درياءَ سميت سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ۽ وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن. قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ اياز لطيف پليجو جي قيادت ۾ درياھ، ڪرپشن، زمينن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف جدوجھد جي ميدان تي آھي. پاڻي رڳو آبادگارن جو مسئلو ناھي. سنڌو درياھ تي ڌاڙو ڪراچي کان ڪشمور تائين رھندڙ ڪروڙين ماڻھن جي زندگين جو معاملو آھي. 6 نوان ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ ڀڙڀانگ ٿي ويندي. ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ماڻھو پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿي ويندا. سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ڪرڙ ريٻاري خطاب چيو تہ سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ ھر دور ۾ درياھ لاءِ جنگ جوٽي آھي. سنڌ جو 7 ڪروڙ عوام ڪنھن بہ ريت پنھنجي درياھ کي ڀڙڀانگ ٿيڻ نه ڏيندو. پيپلز پارٽي حڪومت اقتدار خاطر سنڌ دشمن منصوبا جوڙي رھي آھي. شوڪت نوحاڻي چيو تہ سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي. فصل لھڻ کانپوءِ اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. ميرپورخاص کي جيڪو پاڻي ملي ٿو اھي پ پ وزير ۽ وڏيرا کنيو وڃن. ننڍن آبادگارن کي پاڻي نٿو ملي. جيڪڏھن سنڌو درياھ تي ڪئنال ٺھي ويا تہ ڪنھن کي بہ پاڻي نہ ملندو. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي مجيد ٻگھيو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جا ماڻھو درياھ تي ڌاڙي، ڪرپشن، زمينن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف اياز لطيف پليجي جو ساٿ ڏين.اسين جدوجھد جي ميدان تي آھيون.سنڌياڻي تحريڪ ھر دور ۾ سنڌ دشمن منصوبن خلاف اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Nov 2024
•
سندھ
حيدرآباد؛ قاسم آباد میں آرٹلیکس ایل ای ڈی ورلڈ کا افتتاح
22nd Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايڪس (ٽوئيٽر) بمقابلہ بليواسڪائي
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪرپشن: حقيقتون ۽ تجويزون
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي بقا ۽ پيپلز پارٽي جي پاليسين تي سوال: سنڌو درياهه جو مستقبل خطري ۾؟
22nd Nov 2024
•
سندھ
حيدرآباد؛ قاسم آباد میں آرٹلیکس ایل ای ڈی ورلڈ کا افتتاح
22nd Nov 2024
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز باءِ پاس وٽ ڌرڻو، نوان ڪئنال منصوبو سنڌ جي هزارين سالا تهذيب کي برباد ڪرڻ جي سازش آهي: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
22nd Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايڪس (ٽوئيٽر) بمقابلہ بليواسڪائي
22nd Nov 2024
•
سنڌي خبرون
پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقي ڏوڪري جي ايگزيڪيوٽوِ ڪميٽي جو اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ميرپورخاص
سنڌياڻي تحريڪ
حڪمرانن
وزيراعظم
ناھيد جوڳي
0 تبصرے