English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي جي ڪرسچن ڪالوني ڀرسان ڪچي آبادي ۾ گهرن کي باهه وڪوڙي ورتو
views
|
15th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
باهه سبب مختيار منڇري، تيرٿ ڪاريو، تارا، جگديش سميت 10 پورهيتن جا گهر سڙي ويا
ٺٽو(ڊ ر) ٺٽي شھر جي ڪرسچن ڪالوني ۽ سنڌ ھال جي پٺيان ڪچي آبادي ۾ اوچتو باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ 10 پورھيتن جا گھر سامان سوڌو سڙي رک ٿي ويا، ڪير بہ مدد لاء نہ پھتو، شھري پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائڻ ۾ مصروف، باھ متاٿرين کليل آسمان ھيٺ بي يارو مدد گار بڻيل ڪير بہ پوئيواري ڪرڻ وارو ناھي ۽ نہ ئي شھر جي ڪچي ابادي ھوندي ڪا فائر برگيڊ گاڏي پھچي سگھي، باھ اک ڇنڀ ۾ 10 گھر ساڙي رک ڪري ڇڏيا، باھ متاثرين پاران واھر جي اپيل ڪئي ويئي اھي، تفصيل موجب ٺٽي شھر جي ڪرسچن ڪالوني توڙي سنڌ ھال جي پٺيان ڪچي آبادي ۾ اوچتو باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ مختيار منڇري، تيرٿ ڪاريو، تارا، جگديش، مولو، پرشوتم، لالو، ڪشور، اتمو ڪاريو سميت 10 پورھيتن جا گھر سامان سوڌو سڙي رک ٿي ويا، گھر ڀاتين ڀڄي رڳو جان بچائي ورتي آھي، باھ لڳڻ باوجود ٺٽي شھر جي ڪچي آبادي ۾ فائر برگيڊ گاڏي بہ پھچي ناھي سگھي، باھ متاثرين ھن وقت کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار بڻيل آھن، جن جي اڃان تائين ڪنھن بہ سار ناھي لڌي، باھ متاثرين موجب باھ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان لڳي آھي، ھنن چيو تہ مختيار منڇري سميت سندن 10 گھر سموري سامان سوڌو سڙي رک ٿي ويا آھن، پر افسوس جو کين باھ وسائڻ لاء فائر برگيڊ گاڏي بہ ملي ناھي سگھي، پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائي آھي، ھنن چيو تہ سندن سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو، ھاڻي ٻيھر گھر ٺاھڻ جي بہ پھچ ناھي رھي، ھنن چيو تہ ھن وقت ٻچن سان گڏ کليل آسمان ھيٺ بي يارو مدد گار بڻيل اھيون، پر سندن ڪير بہ سار لھڻ وارو ناھي، ھنن وس وارن کان گھر ڪئي تہ سندن پوئيواري ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪرائي کين ٻيھر اجھا اڏائي ڏنا وڃن، جيئن ٻڇن کي سردي توڙي گرمي پان بچائي سگھون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
ڪرسچن ڪالون
0 تبصرے