چوندا آهن ته جنهن علائقي ۾ فيڪٽريون، ڪارخانه ، ملون لڳايون وينديون آهن ان علائقي جي ماڻهن کي روزگار ملندو آهي ۽ اهي خوشحال ٿيندا آهن، اسان جي تعلقي چمبڙ ۾ به ٻه شوگر ملون آهن، هڪ چمبڙ شوگر مل ۽ ٻي ٽنڊوالهيار شوگر مل، اهي شوگر ملون جڏهن ٺهي رهيون هيون تڏهن آبادگارن، هارين سميت مقامي ماڻهن ۾ وڏي خوشي جي لهر هئي ته اسان کي روزگار ملندو، ۽ اسان جو ڪمند زمين مان نڪرندي ئي شوگر ملن تائين پهچي ويندو،
پر مقامي ماڻهن جو اهو خيال "خيال ” ئي رهجي ويو، جڏهن شوگرملون شروع ٿيون ته اتي مقامي بيروزگار نوجوانن کي روزگار تقريبن ڊيلي بيسس تي ڏنو ويو، هن اهڙي مهانگائي ۾ سندن پگهار اڃان تائين 18 هزار روپيا آهي، چمبڙ شوگر مل ۾ مزدورن لاءِ ڪا به سهولت موجود ناهي،
ايتري قدر تائين جو چمبڙ شوگر مل ۾ ايمبولنس جي سهولت به موجود ناهي.
تازو ئي ڪمند جي سيزن شروع ٿيڻ واري آهي آبادگارن جو ڪمند تيار به ٿي چڪو آهي، پر ٻنهي شوگر ملن اڃان تائين ڪريشنگ شروع ناهي ڪئي ۽ نه ئي وري ڪمند جو اگهه مقرر ٿيو آهي،
چمبڙ جي آبادگار ۽ سنڌ هاري ڪميٽي اڳواڻ عوامي آواز کي ٻڌايو ته ظلم جي انتها اها آهي جو شوگرملن طرفان اسان کي ڪمند جي جنس ڏني ويندي آهي ۽ اسين جڏهن سورنهن مهينا محنت ڪري ان کي ٻچن وانگر پالي تيار ڪندا آهيون ۽ ڪمند جي وڍائي ڪري چمبڙ شوگرمل کڻي ويندا آهيون ته انتظاميا طرفان اسان جي موڪليل ڪمند مان هڪ سئو مڻ تي 30 مڻ ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي اسين جڏهن وجهه پڇا ڪندا آهيون ته چوندا آهن
اوهان جي ڪمند جي جنس مزي واري ناهي ان ۾ ايتري رس ناهي، اسان چوندا آهيون ته اها جنس به ته اوهان جي ڏنل آهي پر هنن جي ڪنن تي جونءَ به ناهي چرندي، هڪ ٽريڪٽر جي وڏي ٽرالي تقريبن هزار مڻ ڪمند کڻي شوگر مل ايندي آهي، ۽ هڪ هزار جي پويان 300 مڻ ڪمند جي ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي، جيڪڏهن پاڻ 400 روپيا في مڻ جو حساب ڪريون ته انهن 1000 مڻ ڪمند جي پويان 300 مڻ ڪٽوتي جي رقم هڪ لک ويهه هزار ٿئي ٿي.
مطلب ته آبادگارن طرفان ڪمند جي هڪ ٽريڪٽر ٽالهي مان چمبڙ شوگرمل ۽ ٽنڊوالهيار شوگر مل آبادگارن جي پگهر جا هڪ لک ويهه هزار روپيا کڻي وڃن ٿيون، هڪ اهو غيرقانوني ٽيڪس ته مٿان وري مختلف بهانا ڪري ڪمند ڪچو آهي هئڻ جو چئي آبادگارن جي ڪمند مان سئو مڻ جي پويان 5 مڻ ڪٽوتي ڪري آبادگارن جو استحصال ڪري رهيون آهن، هونئن جيڪڏهن ڪو آبادگار سڌو پنهنجو ڪمند شوگر مل کي ڏيندا آهن ته انهن کي ڪمند جا پئسا مختلف بهانا ڪري ٽائم تي ناهن ڏنا ويندا،
چمبڙ شوگر مل ۽ ٽنڊوالهيار شوگرمل طرفان پنهنجا بروڪر به رکيل آهن جيڪي هر زميندار وٽ وڃي انهن سان ڪمند جي قيمت جو ڳالهائي زمين تي ئي فصل خريد ڪندا آهن، ۽ پوءِ ٽراليون ڀرائي شوگرمل ۾ پنهنجي آفيسرن وٽ کڻي ويندا آهن، آبادگار ته اهو سوچي مجبورن بروڪرن کي ڪمند جو سودو ڪري ڏيندو آهي ته آئون سڌو ملن اندر ڪمند کڻي ويس ته مونکي پئسا ڏاڍا ڏکيا ملندا، انڪري بروڪرن کي ئي ڏيئي ڇڏيان، ائين شوگرمل جا آفيسر به ڪمائيندا آهن ته بروڪر به ڪمائيندا آهن، بس ڦريو صرف آبادگار کي ويندو آهي، ٻي طرف وري شوگر سيس جي نالي تي آبادگارن کان في مڻ تي پنجاهه پئسا ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي،
مطلب ته هزار مڻ جي ٽرالي تي 50 هزار شوگر سيس جي نالي تي علائقي جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪرڻ لاءِ ڪٽوتي ڪيا ويندا آهن، هڪ هزار مڻ واري ٽرالي تي هڪ لک ستر هزار روپيا ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي، انهي کان وڌيڪ آبادگارن جو ڪهڙو استحصال هوندو؟
هينئر چمبڙ ۽ ڀرپاسي ۾ ڪمند جو فصل تيار بيٺو آهي
پر شوگر ملون پنهنجي هٺ ڌرمي تي قائم آهن، حڪومت طرفان به ڪمند جو ريٽ مقرر ناهي ٿيو، آبادگارن مسلسل 16 مهينا محنت ڪري ڪمند تيار ڪيو آهي پر هاڻ اهو سوچي رهيا آهن ته هاڻ ڪمند نه پوکينداسين، ڪمند سڙڻ شروع ٿي ويو آهي، پر چمبڙ شوگرمل جي انتظاميا جي هٺ ڌرمي چئجي يا حڪومت جي نااهلي جو چمبڙ جي آبادگارن کي ڏينهون ڏينهن ڀت سان لڳايو پيو وڃي، آبادگارن ڪيترا ئي احتجاج به ڪيا آهن پر سنڌي ۾ چوڻي آهي ته "رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورهيه ٿيا” وارو ڪم آهي،
چمبڙ شوگر مل ۽ ٽنڊوالهيار شوگر مل طرفان ڪريشنگ نه ٿيڻ ڪري آبادگارن طرفان هر سال ڪڻڪ پوکڻ به مشڪل لڳي رهي آهي، آبادگار محبوب لنڊ ٻڌايو ته اڃان ڪريشنگ شروع ئي ناهي ٿي اسان جو ڪمند بيٺل آهي ڪڻڪ لاءِ زمين به واندي ناهي شايد هن سال ڪڻڪ نه پوکي سگهنداسين، هڪ طرف آبادگارن سان اهو ظلم ته ٻيءَ طرف وري ٻنهي شوگرملن طرفان شوگرسيس جي نالي تي ورتل پئسا به علائقي تي خرچ ڪيا ناهن ويندا، شوگرمل جي آسپاس ڪيترائي اهڙا ڳوٺ آهن جن ۾ جر جو پاڻي کارو ۽ زهريلو آهي، جنهن جي ڪري آسپاس جا ڪيترائي ماڻهو مختلف بيمارين ۾ جڪڙجي زندگي جي جنگ هارائي ويٺا آهن، علائقي جا روڊ رستا ٽٽل آهن،ڪيترن ئي روڊن جون موريون به ٽٽل آهن،
پر شوگرمل انتظاميا طرفان علائقي واسين ۽ علائقي لاءِ هڪ روپيو به خرچ ناهي ڪيو ويو، نه ئي وري صحت ۽ تعليم لاءِ ڪو ڌيان ڏنو ويو آهي، ڪيترن ئي اسڪولن ۾ فرنيچر ناهي، ٻارڙن وٽ پائڻ لاءِ ڊريس ناهي، ڪاپيون ۽ پينون ناهن، پائڻ لاءِ چپل ناهي، ڇا شوگرمل انتظاميا اهي به خريد ڪري ٻارڙن کي نٿي ڏيئي سگهي؟ اومني گروپ جون اهي ٻئي شوگرملون جن جو اونر انورمجيد آهي ڇا انهيءَ کي انهن سڀني معاملن جي خبر آهي؟ شوگرمل ۾ ڪم ڪندڙ هڪ دوست نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته چمبڙ شوگر مل ۽ ٽنڊوالهيار شوگر مل جي آفيسرن طرفان رکيل بروڪر ڪمند جي خريداري ڪندا آهن ۽ شوگر مل جي انهن آفيسرن جي حوالي ڪندا آهن ۽ انهي ڪمند مان ڪنهن به قسم جي ڪٽوتي ناهي ڪئي ويندي، ۽ شگرمل جا آفيسر اهو ڪمند ان بروڪر جي نالي لکندا آهن.
ڳالهه جو مقصد ته آبادگارن سان شوگرملن جو ظلم و ستم جاري آهي . شوگرملن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي سوشل سيڪيورٽي EOBI به نٿي ڏني وڃي، ۽ نه ئي وري 2013 جي قانون مطابق ڪا سهولت ڏني وڃي ٿي، قانون موجب شوگرمل کي ٿيندڙ بچت مان پنج سيڪڙو شوگرمل طرفان مزدورن کي ڏيڻا آهن پر پنج سيڪڙو ته پري جي ڳالهه انهن جا پگهار به کاڌا ويندا آهن، ٻنهي شوگرملن ۾ انتظاميا سميت مختلف شعبن جا انچارج ٻاهر جا آهن، جن جو مزدورن سان رويو اڍنگو آهي. اڃان اهڙا ڪيترائي ظلم آهن جيڪي شوگرمل انتظاميا طرفان آبادگارن، مزدورن، ۽ سان ڪيا ويندا آهن.
آبادگارن سان شوگرملن جو ظلم و ستم جاري آهي . شوگرملن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي سوشل سيڪيورٽي EOBI به نٿي ڏني وڃي، ۽ نه ئي وري 2013 جي قانون مطابق ڪا سهولت ڏني وڃي ٿي، قانون موجب شوگرمل کي ٿيندڙ بچت مان پنج سيڪڙو شوگرمل طرفان مزدورن کي ڏيڻا آهن پر پنج سيڪڙو ته پري جي ڳالهه انهن جا پگهار به کاڌا ويندا آهن، ٻنهي شوگرملن ۾ انتظاميا سميت مختلف شعبن جا انچارج ٻاهر جا آهن، جن جو مزدورن سان رويو اڍنگو آهي. اڃان اهڙا ڪيترائي ظلم آهن جيڪي شوگرمل انتظاميا طرفان آبادگارن، مزدورن، ۽ سان ڪيا ويندا آهن.
0 تبصرے