ملير: ابراهيم حيدري پوليس هٿان مبينا ڏوهاري مارجي ويو

مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو، سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا: پوليس

ملير: ابراهيم حيدري پوليس هٿان مبينا ڏوهاري مارجي ويو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مبينا مقابلو، هڪ جوابدار مارجي ويو 2 ڄڻا فرار تفصيل موجب : ابراهيم حيدري پوليس دعوا ڪئي آهي ته ريڙهي ڳوٺ لڳ اڏوات هيٺ ڪاليج وٽ ڦورن جي موجودگي جي اطلاع تي پوليس پهتي ته موٽر سائيڪل تي سوار 3 ڄڻن مبينا طور تي پوليس پارٽي تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ سان هڪ جوابدار ٿڏي تي ئي مارجي ويو جڏهن ته سندس ٻه ساٿي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ ڊوائز ذريعي ڪئي پئي وڃي جوابدار وٽان هڪ 30 بور پسٽل ۽ 125 موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته مارجي ويل جوابدار کي وڌيڪ ڪاروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته سندس اڳوڻو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي