عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن پاران مختلف علائقن جا دورا، ريلي ۾ شرڪت لاءِ دعوتون ڏنيون ويون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ جي زمينن تي قبضن، ڇهه نون ڪينالن، سنڌو درياءَ جو پاڻي غيرملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم، سرڪاري سرپرستي ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ عورتن تي ٿيندڙ ظلم سميت سنڌ جي اهم مسئلن تي سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ طرفان 17 نومبر تي ڪراچي ۾ اعلانيل عظيم الشان ريلي جون تياريون جاري آهن. ان سلسلي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي صدر پرهه سومرو ۽ ٻين اڳواڻن گهگهر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ گهر گهر وڃي عورتن کي ريلي ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني. هوڏانهن عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، خالد تنيو، زبير نوناري، نوروز ڪلمتي ۽ ٻين اڳواڻن گلشن حديد، پپري، ملير، ميمڻ ڳوٺ ۽ رزاق آباد سميت مختلف علائقن جا دورا ڪري ماڻهن کي ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ٻي طرف جيڪب آباد ۾ عورت سان ٿيل اجتماعي زيادتي جي مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري ۽ حسنه راهوجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته عورتن جا گينگ ريپ پيا ٿين، حڪومت ڪورٽن کي سوموٽو نوٽيس کان روڪي ڏوهارين جي سرپرستي ڪري رهي آهي. حڪومت جي عورت دشمن پاليسين سبب ڪارو ڪاري ۽ عورتن سان لڄالٽ سميت مختلف ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي. جيڪب آباد جي پوليو ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي جيڪڏهن سزا ملي ها ته اڄ ساڳي ضلعي جي هڪ ٻي عورت سان زيادتي نه ٿئي ها. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته آئيني بينچ جي نالي ۾ هائي ڪورٽن جي ڪاروائي کي معطل ڪيو ويو آهي. انساني حقن جي لتاڙ جا ڪيس هائي ڪورٽن کي ٻڌڻ کان روڪيو ويو آهي. 26هين آئيني ترميم وسيلي ڪورٽن کي مفلوج بڻايو ويو آهي. عدليا کي پوليس جيان سياستدانن جي ماتحت بڻايو ويو آهي. 26هين آئيني ترميم عدليا جي آزادي جو قتل آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ کي فتح ڪيل علائقو سمجهي وڪڻي رهي آهي. سنڌ ڪابينا ٺثي ضلعي جي 1674 ايڪڙ زمين ونڊ پاور پروجيڪٽ لاءِ خانگي ڪمپني کي ڏئي سنڌي قوم سان ظلم ڪيو آهي، سنڌ ڪابينا سنڌ جي هارين کي زمينون ڏيڻ بدران خانگي ڪمپنين ۽ عسڪري ادارن کي زمينون الاٽ ڪري سنڌين کي به فلسطينين جيان پنهنجي وطن ۾ ئي بي وطن ڪري رهي آهي.
0 تبصرے