شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد جي چيئرمين الاهي بخش شيخ جي اڳواڻي ۾ بازياب ٿيل ٻارڙن جي وارثن سان ملاقاتون

وفد ناصر عباس بکراڻي ۽ وليد ميمڻ جي بازيابي بعد سندن گهر پهچڻ تي والدين سان ملاقات ڪري مبارڪون ڏنيون

شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد جي چيئرمين الاهي بخش شيخ جي اڳواڻي ۾ بازياب ٿيل ٻارڙن جي وارثن سان ملاقاتون

شڪارپور (احسان ابڙو ) شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد پاران چيئرمين الاهي بخش شيخ، استاد عبدالوهاب ڪاغذي جي قيادت ۾ صاحبزاده حافظ فضل الله نوراني، عبدالغفور دايو، ڏاڏو طاهر سومرو، حافظ مسعود احمد قادري، علي اصغر پهوڙ مولانا محمد صديق سڪندري ۽ ٻين گڏجي شڪارپور مان اغوا ٿيل ٻه معصوم نينگر، ناصر عباس بکراڻي ۽ وليد ميمڻ، جي بازيابي بعد انهن جي گهر پهچڻ تي سندن والدين سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي، اڳواڻن ٻارن جي والدين کي گلن جا هار پهرايا ۽ سندن والدين کي مبارڪباد پيش ڪئي. شڪارپور بچايو تحريڪ جي اڳواڻن خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته معصوم ٻارن جي بازيابي سندن والدين ۽ خاندان لاءِ وڏي راحت ۽ سڪون جو سبب بڻي آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ شڪارپور ۾ اغوا جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ حڪومتي ادارا فوري طور تي قدم کڻن ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مضبوط حڪمت عملي تيار ڪن. اغوا جهڙا واقعا نه رڳو متاثر خاندان لاءِ هڪ وڏو الميو آهن، پر مجموعي طور تي سماج جي امن لاءِ پڻ هڪ وڏو خطرو آهن، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن. بازياب ٿيل ٻارڙن جي والدين پڻ ان موقعي تي پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ شڪارپور بچايو تحريڪ جي عهديدارن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، جن جي جدوجهد سان سندن ٻارن جي سلامتيءَ سان واپسي ممڪن ٿي. والدين چيو ته شڪارپور بچايو تحريڪ جي اڳواڻن جي مدد ۽ پوري شهر جي دعائن سان سندن ٻارن کي سلامتيءَ سان واپس ڏنو ويو، جيڪو کين لاءِ انتهائي خوشيءَ جو موقعو آهي