English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پي آئي اي جي نجڪاري رولڙي ۾
110 views
|
01st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تحرير: سيد غلام مصطفي شاھ
پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين (PIA) کي خساري کان بچائڻ لاءِ حڪومت ان جا %60 شيئرز وڪرو ڪرڻ لاءِ پنج ڪمپنين عارف حبيب ڪارپوريشن، ايئر عربيہ ڪمپني، وائي بي هولڊنگ پرائيويٽ، پاڪ ايٿنول پرائيويٽ ۽ بليو ورلڊ ڪنسورشيم کي ٻولي لڳائڻ لاءِ چونڊيو هو ۽ انهن ڪمپنين ڪلھ اسلام آباد ۾ 1:30 منٽن کان ٻولي لڳائي جيڪا شام 6:30 منٽن تي کولي وئي، جنهن مان صرف هڪ ڪمپنيءَ بليو ورلڊ ڪنسورشيم انهيءَ ٻوليءَ ۾ حصو ورتو ۽ پي آئي اي جا %60 شيئرز لاءِ ڏھ ارب جي ٻولي لڳائي، جڏهن تہ حڪومت کي اندازو هو تہ ان جا شيئرز گهٽ ۾ گهٽ 85 ارب تائين وڃڻ گهرجن پر ان جو سبب اهو نڪتو جو ٻين ڪمپنين ٻوليءَ لڳائڻ ۾ ڪابہ دلچسپي نہ ڏيکاري ۽ صرف ڏھ ارب جي ٻولي لڳي جيڪا حڪومت جي اندازي مطابق صرف %12 آهي. پي آئي اي ڪافي سالن کان خساري ۾ هلي رهي آهي ۽ حڪومت کي هر سال اربين روپين جي ادائيگي ڪرڻي پوي ٿي جنهنڪري حڪومت ڪجھ ڏينھن پهريان پي آئي اي سميت 25 ٻين بہ ادارن کي نجڪاريءَ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي تہ جيئن حڪومت تي پوندڙ مالي بوجھ گهٽ ڪري سگهجي. معاشي ماهرن مطابق پي آئي جي نجڪاري آئي ايف جي شرطن تحت ٿي رهي آهي، آئي ايم ايف شرط رکيو هو تہ جيڪو ادارو منافع بخش نہ هجي انکي خانگي ڪمپنين جي حوالي ڪيو وڃي تہ جيئن ان ۾ اصلاح اچي سگهي. حڪومتي اميدن جي برعڪس ٻولي تہ تمام گهٽ لڳي آهي هاڻي انهيءَ جي منظوري ڪابينا کان ورتي ويندي. ٻئي طرف وري بليو ورلڊ ڪنسورشيم جي چيئرمين سعد نذير حڪومت ڌر لاءِ نيڪ خواهشات جو پڻ اظهار ڪيو آهي. هاڻي هي ٻولي جيڪا لڳي آهي اها تمام گهٽ آهي، ڪابينا انجي منظوري مشڪل ڏئي انکان علاوه لڳي ايئن رهيو آهي تہ پي آئي اي کي وٺڻ لاءِ ڪير بہ سنجيده نہ آهي ڇو تہ صرف هڪ ڪمپنيءَ انهيءَ جي ٻولي لڳائي آهي. ٻين ڪمپنين جو اهو چوڻ هو تہ حڪومت جون شرطون ڳريون آهن جنهن ڪري پي آئي کي خريد ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪمپني اڳتي نہ آئي حڪومتي ڌر جو اهو پڻ چوڻ هو تہ جيڪا ڪمپني پي آئي اي جا شيئرز خريد ڪندي انکي ست هزار ملازم پڻ سنڀالڻا پوندا جن جون پگهارون يا ٻيون مراعتون پڻ ان خريدار کي ادا ڪرڻيون پونديون جنهنڪري ڪابہ ڪمپني يا بزنس گروپ اڳتي اچڻ کان لنوائي رهيو آهي. جيتوڻيڪ پي آئي اي کي خريد ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن جي ڪمپنين سان پڻ رابطو ڪيو ويو پر ڪنهن بہ ٻاهرين ڪمپنيءَ دلچسپي نہ ڏيکاري.پي آئي مطابق سندن هڪ هفتي جو روينيو ئي ڏھ ارب ٿئي ٿو تہ يقين سان چئي سگهجي ٿو ٻولي لڳائيندڙ ڪمپني پڻ سنجيدہ نه هئي سو لڳي ايئن ٿو تہ حڪومت پاڻ ئي ڪو منصوبو ٺاهي سفيد هاٿيءَ کي پالي. ايوي ايشن جي ماهر افسر ملڪ مطابق تہ اها ڏھ ارب جي لڳندڙ ٻولي بہ ڪا گهٽ ٻولي نہ آهي، ڇو تہ حڪومت جي طرفان 650 ارب روپين جو قرض پنهنجي ذمي کڻڻ کانپوءِ بہ اڃا پي آئي اي 200 ارب روپين جي قرضي آهي. ماضيءَ ۾ پي آئي اي ۾ مارڪيٽنگ ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي جي سربراھ رهندڙ ارشاد غنيءَ انٽرنيشنل ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو چيو تہ ڪابہ ڪمپني ايڏا وڏا پئسا ڀري شيئرز نہ خريد ڪندي ڇاڪاڻ تہ پي آئي اي پهريان ئي قرض ۾ ٻڏل آهي.بليو ورلڊ جي حوالي سان سندن چوڻ هو تہ اگر هي ڪمپني خريداري ۾ دلچسپي ڏيکاري ٿي ۽ وڌيڪ ٻولي لڳائي ٿي تہ هي ڪمپني ڪامياب ٿي سگهي ٿي چاڪاڻ تہ انهن کي سڀڪجھ هلندڙ سسٽم ملندو جنهنڪري ان م بهتري اچي سگهي ٿي. سندس جو چوڻ هو تہ ٻولي گهٽ لڳل آهي ڪابينه انکي منظور نه ڪري تہ بهتر آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين
PIA
0 تبصرے