English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نصيرآباد ۾ مبينا کنڀيل نويد ساگر ڪانڌڙو ۽ واجد چانڊيو جي آزادي لاءِ ريلي
77 views
|
31st Oct 2024
•
سنڌي خبرون
سسئي لوھار، فقير علي گل ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي
نصيرآباد (رپورٽر) نصيرآباد مان مبينا کنڀيل سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪارڪن نويد ساگر ڪانڌڙو ۽ ڪيبل آپريٽر واجد چانڊيو جي آزادي لاء نوناري محلا کان پوليس اسٽيشن تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
ريلي جي اڳواڻي وائس آف مسنگ پرسن جي اڳواڻ سسئي لوھار، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ضلعي ڊپٽي آرگنائيزر فقير علي گل ڪانڌڙو ،عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪامريڊ رياض ڦلپوٽو ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي ڪامريڊ جميل شيخ جي اڳواڻي ۾ ريلي نوناري محلي کان پوليس اسٽيشن تائين ڪڍي وئي.
ريلي شھر جي مختلف رستن ۽ چونڪن کان ٿيندي نوجوانن جي آزادي لاء نعريبازي ڪندي ايس يو پي جا ڳاڙها جھنڊا کڻي اھو مطالبو ڪري رهيا ھئا ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪن نويد ساگر ڪانڌڙو ۽ ڪيبل آپريٽر واجد چانڊيو کي آزاد ڪرايو وڃي، مظاهرين مطالبو ڪندي چيو ته پاور پوليٽڪس جي سياست ڪندڙ ڊاڪٽر نويد ساگر ڪانڌڙو ۽ واجد چانڊيو کي بنا دير آزاد ڪندي ڪورٽن ۾ پيش ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.
احتجاجي مظاهري ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ،وي ايم پي سنڌ ،عوامي ورڪرز پارٽي ،ڪميونسٽ پارٽي ،سنڌ ترقي پسند پارٽي،نمسوا ،گسٽا سان گڏوگڏ ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين پڻ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Jan 2026
•
تازہ ترین
وینزویلا پر حملے کا کوئی جواز نہیں تھا، اگر امریکہ انسان دوست ہے تو نیتن یاہو پر مقدمہ چلائے: خواجہ آصف
06th Jan 2026
•
تازہ ترین
پاکستان اور بنگلہ دیشی فوج کے درمیان دفاعی تعاون کو مضبوط بنانے پر اتفاق
06th Jan 2026
•
تازہ ترین
پختونخوا میں دہشت گردوں کو سازگار سیاسی ماحول فراہم کیا جا رہا ہے: پاک فوج کے ترجمان
06th Jan 2026
•
سندھ
ہزاری وال قوم کو اپنی الگ شناخت مل چکی ہے: لیلیٰ سواتی
06th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پاران پيرو لاشاري ڀرسان نوجوان ڪيلاش ڪولھي جي قتل جي مذمت
06th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: لنڪ روڊ تي ڳوٺاڻن جي رابطي لاءِ پلين جي تعمير جو مطالبو پورو
06th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ سٽي جي مين مارڪيٽ ۾ چورين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، واپاري خوف ۾ ورتل
06th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد واسي پورهيت جو پٽ ۽ ڀاڻيجو مبينا طور اغوا، گجو پوليس چوڪي جي اهلڪارن تي الزام
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نصيرآباد
مبينا کنڀيل
سسئي لوھار
مسنگ پرسن
missing persons case
0 تبصرے