ٺٽي ۾ جانورن جي پالنا کاتي جي عملي پاران چوپائي مال کي ويڪسين جو عمل جاري

ڊاڪٽر فياض احمد وڳڻ جي نگراني ۾ سندس ٽيم پاران چوپائي مال جي ويڪسين ڪئي وئي

ٺٽي ۾ جانورن جي پالنا کاتي جي عملي پاران چوپائي مال کي ويڪسين جو عمل جاري

ٺٽو(ڊر) جانورن جي پالنا کاتي ٺٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ٺٽو ڊاڪٽر فياض احمد وڳڻ جي نگراني ۾ سندس ٽيم پاران ضلعي ٺٽي اندر چوپائي مال کي ويڪسين ڪري دوائون ڏيڻ سميت بيمار جانورن جو علاج ڪرڻ وارو عمل جاري آھي، ان سلسلي ۾ لائيو اسٽاڪ اينيمل ھسسبينڊري ٺٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض احمد وڳڻ ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ پوري ضلعي ٺٽي ۾ سندن کاتي پاران سندس نگراني ۾ جوڙيل جانورن جي ڊاڪٽرن جون ٽيمون توڙي موبائل گشتي ٽيمون چوپائي مال کي ويڪسين ڪرڻ وارو عمل جاري رکيو پيون اچن، ھن وقت تائين وڏي تعداد ۾ جانورن کي ويڪسين ڪري بيمار جانورن جو علاج ڪري کين مفت دوائون پڻ ڏنيون پيون وڃن، جيئن مالوند ماڻھون پريشاني کان بچي سگھن، ڊاڪٽر فياض احمد وڳڻ چيو تہ چوپائي مال ۾ ڪابہ خطرناڪ بيماري ناھي، البتہ موسم جي تبديلي سبب ڪجھ چوپايو مال بيمار ٿيو ھو، جنھن جو علاج ڪرڻ سميت چوپائي مال کي ويڪسين ڪئي ويئي آھي، جنھن ڪري ويڪسين بعد چوپايو مال بيمارين کان محفوظ رھي سگھندو. ڀاڳئين کي بہ گھرجي تہ ھو اسانجي ٽيمن سان سھڪار ڪن، جيئن ھن ويڪسين واري مھم کي پاء تڪميل تائين پھچائي سگھجي.