English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌو درياءَ اسان جو جياپو آهي، ان مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف مزاحمت ڪنداسين: صنعان خان قريشي
227 views
|
27th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
جسقم بشير خان قريشي پاران عمرڪوٽ ۾ سنڌ پيغام مارچ جي عنوان هيٺ ريلي ڪڍي وئي
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) جسقم بشير خان قريشي طرفان سنڌو درياءۡ مان غيرقانوني واه ڪڍڻ ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي خلاف سنڌ پيغام مارچ جي عنوان سان ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي جڏھن ته جسقم بشير خان چئيرمين صنعان خان قريشي وڏي قافلي جي صورت ۾ پيغام سنڌ مارچ جي ريلي جي اڳواڻي ڪندي الله والا چوڪ عمرڪوٽ پهتو جتي ڪارڪنن گلن نڇاور ڪري آجيان ڪئي ويئي ريلي کي خطاب ڪندي جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي, چيو ته سنڌو درياءۡ اسانجو جياپو آهي ان مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف مزاحمت تيز ڪنڌي 24 نومبر تي سڪرنڊ بائي پاس تي ڌرڻو هڻي پنجاب ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪيا ويندا سنڌ ۾ پاڻي کوٽ گهڻي وقت کان برقرار آهي مٿان وري ارسا ايڪٽ ۾غيرقانوني ترميمون ڪري سنڌو درياءۡ مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سُڪائڻ لاءۡ سازشون ڪيون پيون وڃن جيڪو سازشون ناڪام بڻائينداسين ھن وڌيڪ چيو ته اسان محبت امن پيار جو پيغام کڻي عمرڪوٽ آيا آهيون هي ڳاڙهي جهنڊي وارا، ڪولهي ڀيل باگڙي ميگهواڙن مسڪينن جا رکوالا آهن، اوهان کي ڊڄڻ نه گهرجي. سنڌي هڪ قوم آهي. قومون ڌرتي جي بنياد تي، ڪلچر ۽ تهذيب جي بنياد تي ٺهنديون آهن. شاهنواز جا ٻچا يتيم ڪرڻ وارو. هن جي وني کي بيواه ڪري لڙڪ ڏيندڙئو اسان کي يقين آهي ته هر بيگناه ماريو ويندڙ واپس ورڻو آهي اسان صوفين جو پيغام سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائينداسين سنڌ اسانجي ماءۡ آهي سنڌ محبت امن ۽ پيار ڌرتي آهي اتي مذهبي انتهاپسندي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جا قاتل فورن گرفتار ڪيا وڃن هڪ سازش تحت سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي کي هٿ ڏني پئي جنهن جا نتيجا اڳتي خراب نڪرندا سنڌ کي محبتن جي ضروت آهي سنڌي هڪ قوم آهي. قومون ڌرتي جي بنياد تي، ڪلچر ۽ تهذيب جي بنياد تي ٺهنديون آهن. امجد مهيسر، اطھر سومرو، محمد سمون ،رمضان خاصخيلي، ٻئين چيو ته عمرڪوٽ امن جو شهر هو. جتي مذهبي تاثر ڏنو پيو وڃي. سنڌ جو ماڻهو انسان دوست آهي. صنعان امن جو پيغام کڻي عمرڪوٽ پهتو آهي. سنڌ هر مذهب هر فرقي ۽ پارٽي سان تعلق رکندڙن جي ماءُ آهي رياست جڏهن به سنڌ خلاف ڪجھ وڏو ڪرڻ چاهيندي آهي ته عمرڪوٽ جهڙي پرامن علائقي ۾ شاهنواز جهڙو واقعو ڪرائي ماڻهن کي انگيج ڪندا آهن. پنجاب ڇھ غيرقانوني واھ ڪڍي پنجاب جي زمين آباد ڪرڻ چاهي ٿو. اگر ملڪي ادارن کي واھ ڪڍي آبادي ڪرڻي آهي ته ٿر کي واهن ذريعي پاڻي ڏيو. پنجاب ته اڳ ئي سرسبز ۽ خوشحال آهي. هنن اسڪولن ڪاليجن يونيورسٽين مرد ڪلارڪ رکڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته اهي ڪلارڪ ۽ پروفيسر نياڻين کي بليڪ ميل ڪري هراسان ڪن ٿا. ان معاملي نوٽيس ورتو وڃي ان کان اڳ عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ جانهيرو پھچي مقتول ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀار جي تڏي تي وارٽن سان تعزيت ڪئي ء مقتول جي وارثن کي تحفظ ء انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
صنعان خان قريشي
جسقم بشير خان قريشي
0 تبصرے