ٺٽو: سول اسپتال جا ڊاڪٽر والد جي آپريشن لاءِ رلائي رهيا آهن: عطا محمد جانوري

5مهينن کان ڊاڪٽر رلائي رهيا آهن، هر ڀيري نيو تاريخون ڏيئي ٽيسٽون ڪرايون وڃن ٿيون

ٺٽو: سول اسپتال جا ڊاڪٽر والد جي آپريشن لاءِ رلائي رهيا آهن: عطا محمد جانوري

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ناريجا ڳوٺ مڪلي جي رھائشي عطا محمد جانوري عوامي پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ ھن جو والد نذر محمد جانوري بيمار آھي، ان جو آئون سول اسپتال مڪلي مان علاج ڪرائي رھيو آھيان،ھن چيو تہ منھنجي والد لا ڊاڪٽرن آپريشن تجويز ڪيو آھي پر گذريل 5 مھينن کان اسان کي رلائي رھيا آھن،ھن چيو تہ ھر ھفتي اسان کي تاريخون ڏين ٿا سڀ ٽيسٽون وغيرہ ڪرائي وڃون ٿا تہ وري تاريخ ڏني وڃي ٿي، ھن چيو تہ اسان کي علاج بدران ملي ٿي رڳو تاريخ مٿان تاريخ، ھن چيو تہ منھنجي والد صاحب جي صحت تاريخن ملڻ سبب سخت خراب ٿي رھي آھي مگر ھتي رڳو ملي پئي تاريخ،ھن چيو تہ اڄ آپريشن جي تاريخ ڏنائون پر ملي وري بہ ايندڙ اڱاري جي تاريخ، ھن چيو تہ سول اسپتال مڪلي ۾ سفارشي پروگرام پيو ھلي،غريبن جو ڪير ٻڌڻ وارو ناھي، ھن چيو تہ منھنجي والد جي علاج ۾ مجرمانہ غفلت ۽ دير جا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن ۽ منھنجي والد کي ڪجھ بہ ٿيو تہ آئون مٿن ڪيس داخل ڪرائيندس،ھن ڊي سي ٺٽو، وزير اعلا سنڌ، وزير صحت، سيڪريٽري صحت ۽ ٻين وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي