ڪلاسيڪل راڳ جي بادشاهه استاد منظور علي خان جي ڀاءُ استاد وزير علي خان جي 23هين ورسي (اڄ) ڇنڇر تي ٽنڊوآدم ۾ ملهائي ويندي

ڪلاسيڪل راڳ جي بادشاهه استاد منظور علي خان جي ڀاءُ استاد وزير علي خان جي 23هين ورسي (اڄ) ڇنڇر تي ٽنڊوآدم ۾ ملهائي ويندي

ڪلاسيڪل راڳ جي بادشاهه استاد منظور علي خان جي ڀاءُ استاد وزير علي خان جي 23هين ورسي (اڄ) ڇنڇر تي ٽنڊوآدم ۾ ملهائي ويندي

ٽنڊوآدم (حسنين عاشق ساند) ڪلاسيڪل راڳ جي بادشاهه استاد منظور علي خان جي ڀاءُ استاد وزير علي خان جي 23هين ورسي (اڄ) ڇنڇر تي ٽنڊوآدم ۾ ملهائي ويندي. ورسي جي مناسبت سان استاد جا پونئير استاد جي آخري آرامگاهه پهچي فاتحه خواني ڪري دعا گهرندا. استاد وزير علي ۱۹۳۸ع ۾ استاد جمالو خان جي گھر، ٽنڊو آدم ۾ ڄائو. جنهن پنهنجي والد استاد جمالو خان ۽ ڀاءُ استاد منظور علي خان کان سکيا ورتي. استاد وزير علي خان جي ڪلاسيڪل موسيقي تي گرفت ڏاڍي مضبوط هوندي هئي ۽ هو سکيا تمام سٺي نموني سان ڏئي سگهندو هو. هن 40 کان مٿي شاگرد پيدا ڪيا. استاد وزير علي خان راڳ جي سکيا پنهنجي والد استاد جمال خان ۽ پوءِ پنهنجي ڀاءَ استاد منظور علي خان کان ورتي. هن اٺن ورهين جي ڄمار ۾ والد سان گڏ ڳائڻ جي شروعات ڪئي. سال1957ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي کيس ڪلاسيڪل موسيقي جو پهريون پروگرام مليو، جنهن ۾ هن راڳ ”هنڊول“ ڳايو. وزير علي خان پنهنجي ڀاءَ استاد منظور علي خان سان گڏ، پي ٽي وي جي اوپننگ ”شروعات“ تي راڳ ”ميگهه“ ڳايو هو. راڳ جي شروعات ”پرچن شال پنهوار“ سان ۽ پڇاڙي ۾ ”راڻو“ ڳائيندڙ استاد وزير علي جي اولاد مان مرحوم مختيار علي خان ۽ حمير علي خان به بهترين راڳي ٿي اڀريا. استاد وزير علي، تعليم کاتي ۾ سرڪاري ملازم به رهيو. پوءِ هو سچل، ڀٽائي، حمل فقير، جهوڪ يا ٻين ميلن جي محفلن ۾ ويندو هو. استاد وزير علي خان کي ايڪسيلينس ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترا ئي ايوارڊ حاصل ڪيائين. هن ڏاڏا فيض علي شاهه، شاهه اسد، مشتاق جسڪاڻي، شريف طالب، محمد شريف خاصخيلي جي صحبت سبب، سنڌي فلمن ۾ اداڪاري پڻ ڪئي. جنهن ۾ فلم رنگ، پرو ۽ ٻيون فلمون شامل آهن. استاد وزير علي خان ڪيترن ئي راڳن جون ڌنون پڻ ٺاهيون. گواليار گهراڻي جو اهو کل مک يار دوست ۽ هڪ حسين ڪلاسيڪل راڻو وزير علي خان شگر ۽ فالج سبب، سول اسپتال حيدرآباد ۾ 10 آگسٽ 2001ع تي صبح جو 9 وڳي اسان کان وڇڙي ويو. سندس آخري آرامگاهه ٽنڊي آدم شهر جي اسماعيل شاهه قبرستان ۾ آهي.