حيدرآباد ۾ شاھپوردرپور ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل اياز ماڇي جي وارثن جو ڌرڻو

حيدرآباد ۾ شاھپوردرپور ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل اياز ماڇي جي وارثن جو ڌرڻو

حيدرآباد ۾ شاھپوردرپور ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل اياز ماڇي جي وارثن جو ڌرڻو

حيدرآباد (بيورو) حيدرآباد ۾ ٽنڊوڄام ڀرسان شاھپوردرپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڌڻي بخش ماڇي جي رھواسين قتل ڪيل نوجوان اياز ماڇي جا قاتل گرفتار نہ ٿيڻ ۽ پوليس طرفان وارثن مٿان دھشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڊي آئي جي آفيس شھباز بلڊنگ اڳيان مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. احتجاج ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي ۽ ٻيا ڪارڪن پڻ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي پيءَ نبي بخش ماڇي ۽ ماءُ الھ بچائي دانھيو تہ ڳوٺ جي وڏيري ۽ ٻين منشيات فروش ڏوھارين اسان جي ڳڀرو پٽ کي بيگناھ قتل ڪيو آھي. اسين سوين سالن کان ڳوٺ ۾ رھون پيا. ظالم وڏيري اسان جا رستا بند ڪري ڇڏيا آھن.ظالم وڏيري ڳوٺ جو رستو ٽريڪٽر سان کيڙي ڪرائي ختم ڪري ڇڏيو آھي،اسان جو پٽ رستي تان گذريو ته ظالم وڏيري ڌڻي بخش ماڇي، خان ماڇي، گلزادو ۽ شڪور ماڇي ان کي پڪڙي ڪارتوسي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. .ھنن چيو تہ اسان نوجوان جو لاش کڻي قتل خلاف احتجاج ڪيو تہ قاتلن جي ساٿاري ايس ايچ او نثار برھماڻي اسان جي مٿان دھشتگردي جا قلم ھڻي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو پوليس انھن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي. ھنن چيو ته اسان ڳوٺ مان نڪري نٿا سگھون.نوجوان جو لاش بہ ڪيلن جي باغ ۽ فصلن مان کڻي قبرستان پھتاسين. پوليس ۽ قاتل مليل آھن. ھنن آئي جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو تہ ايس ايچ او شاھپور درپور نثار برھماڻي کي فوري طور معطل ڪري نامزد قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.