English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي قومي شاعر، اديب ۽ تعليمي ماھر استاد محمد صالح ثاقب سومرو ابڙاني جي ٽين ورسي ملھائي وئي
views
|
27th May 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي قومي شاعر، اديب ۽ تعليمي ماھر استاد محمد صالح ثاقب سومرو ابڙاني جي ٽين ورسي ملھائي وئي
نوشهروفيروز(ڊ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ ابڙان پاران سنڌ جي قومي مزاحمتي عوامي ناليواري شاعر، اديب، ٻولي ۽ تعليم جي ماھر استاد محمد صالح ثاقب سومرو ابڙاني جي ٽين ورسي سندس مزار جي پيراندي ۾ ملهائي وئي جنهن کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي جنرل سيڪريٽري هاشم کوسو، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي جوائنٽ سيڪريٽري زاهد راڄپر، ساخ ابڙان جي سيڪريٽري مظهر خاصخيلي، غلام مصطفيٰ تڳر، مٺياڻي شاخ جي سيڪريٽري سيد جعفر شاھ، عوامي تحريڪ جي جاويد ڀرٽ ، ترقي پسنڌ پارٽي جي اقبال راڄپر ، شاخ ابڙان جي ڪائونسلر محرم چنو، ثاقب ابڙاني جي پٽ ذوهيب سومرو يونين ڪائونسل ابڙان جي ڪائونسلر ممتازخاصخيلي ،منظورخاصخيلي ۽ ٻين چيو ته ثاقب سومرو ابڙاني گھڻ طرفي شخصيت جو مالڪ ھو. ھو ھڪ ئي وقت شاعر، اديب، استاد ۽ سنڌي ٻولي جو ماھر ھو. ھن سڄي حياتي تعليم کي ارپي ۽ سوين سلڇڻا شاگرد پيدا ڪيا. ھنن چيو ته ثاقب سومروابڙاني سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ سنڌ جي ماڻھن ۾ شاعري ذريعي سجاڳي پئدا ڪئي. ھو غريبن جو ھڏ ڏوکي ۽ مھمان نواز ھو. ھن پنهنجي شاعري ۾ مسڪين ماروئڙن جي دردن جي عڪاسي ڪئي آھي. سندس شاعري ۾ جتي عشق مجاز آھي اتي ڌرتي جو آواز پڻ آھي. ھن شاعري ۾ ظلم خلاف مزاحمت جو سڏ ڏنو ۽ پاڻ به سدائين ظلم خلاف مزاحمت ڪندو رھيو جنھن سبب ھن تمام گھڻا ڏک پڻ ڏ ٺا ۽ سائين ثاقب سومروابڙاني سنڌ جو سرمايو ھو کيس سنڌ ۽ ان جي رهواسين سان عشق هو هن پنهنجي سموري ڄمار سنڌ جي خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪئي، اڄ ابڙان شھر اداس آھي، ڇاڪاڻ ته سائين ثاقب جا ٽھڪ ۽ ڪچهريون ابڙان کان موڪلائي ويون آھن. ساھتي پرڳڻو ھڪ مھمان نواز، پر خلوص، محبت، پيار، پاٻوھ سان ڀرپور شخصيت کان خالي ٿي ويو آهي هنن چيو ته سائين ثاقب سومروابڙاني سڄي سنڌ اندر ايم اي سنڌي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ پهريون سنڌي ٻولي جو ماهر هو جنهن کان ڪيترائي ناليواري اديب شاعر تعليمي ماهر ٻولي جي لفظن جي معنيٰ مونجهارن وقت پڇندا هئا ۽ هو انهن کي بهترين جواب ڏئي متمين ڪري ڇڏيندو هو پاڻ سموري زندگي تعليم جي خدمت ڪندي گزاري ڇڏي اڄ به ساهتي پرڳڻي اندر ۽ ابڙان مٺياڻي نوان جتوئي جي آس پاس جي ڳوٺن ۾ سوين سندس شاگرد موجود آهن جن کي ثاقب سومرو ابڙاني سنڌي ٻولي پڙهڻ سمجهڻ سيکاري ويو آهي . ھو ڪيترو عرصو بيمار ھو پر ھن ھيڻي نه ٻولي، بيماري سبب معاشي طور انتھائي خراب حالتن مان گذريو پر ثقافت کاتي سميت ڪنھن کي به سھائتا لاءِ اپيل نه ڪيائين، ھو ارڏو انسان ھو. سندس وڇوڙو وڏو صدمو آھي. پر کيس وساري ناهيون سگهيا اڄ به اسان کي ياد آهي. ھن اسي واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ابڙان جو بنياد وڌو ۽ سيڪريٽري رھيو ۽ آخري وقت تائين سنڌي ادبي سنگت شاخ ابڙان جو ميمبر رھيو. هن جي قومي ۽ عوامي شاعري سنڌ جي سمورن بهترين فنڪارن ڳائي آهي ۽ سنڌ جي ناليواري فنڪار ممتاز لاشاري پنهنجي آواز ۾ سندس ڪيترائي گيت ،ڪافيون ،غزل ڳايا آهن جن ۾ سندس قومي گيت بي درد ڪهن ٿا پيا اولاد اٻوجهن جو، يا رب نه سڻي ٿو ڪو فرياد اٻوجهن جو ڳايوآهي ۽ ان کان سواءِ سندس شاعري جو ھڪ مجموعو لوساٽيل لالاڻ شايع ٿي ڪتاب واري صورت ۾ اڄ به اسان وٽ موجود آهي ، باقي سندس شاعري جا ڪيترائي مجموعا غربت سبب ڇپجي نه سگھيا.آهن جڏھن ته ثاقب سومروابڙاني پنهنجي سموري ڄمار جي ايم سيد جي فڪر جو پيروڪار رهيو ۽ استادن جي حقن جي لاءِ پڻ سائين راشد مورائي، مسرور پنائي، حافظ محمد بخش خاصخيلي سان گڏجي پ ٽ الف جي پليٽ فارم تان استادن جي حقن لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي ۽ هن ساهتي پرڳڻي ۾ انهن سان گڏجي جهرجهگ واهن وستي ڳوٺن ۾ ڪچهريون ڪري جيڪو شعور ڏنو آهي ان جي ڪري کيس پنهنجي ڪردار جي ڪري ياد رکيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
سنڌي ادبي سنگت شاخ ابڙان
0 تبصرے