English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي قومي شاعر، اديب ۽ تعليمي ماھر استاد محمد صالح ثاقب سومرو ابڙاني جي ٽين ورسي ملھائي وئي
105 views
|
27th May 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي قومي شاعر، اديب ۽ تعليمي ماھر استاد محمد صالح ثاقب سومرو ابڙاني جي ٽين ورسي ملھائي وئي
نوشهروفيروز(ڊ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ ابڙان پاران سنڌ جي قومي مزاحمتي عوامي ناليواري شاعر، اديب، ٻولي ۽ تعليم جي ماھر استاد محمد صالح ثاقب سومرو ابڙاني جي ٽين ورسي سندس مزار جي پيراندي ۾ ملهائي وئي جنهن کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي جنرل سيڪريٽري هاشم کوسو، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي جوائنٽ سيڪريٽري زاهد راڄپر، ساخ ابڙان جي سيڪريٽري مظهر خاصخيلي، غلام مصطفيٰ تڳر، مٺياڻي شاخ جي سيڪريٽري سيد جعفر شاھ، عوامي تحريڪ جي جاويد ڀرٽ ، ترقي پسنڌ پارٽي جي اقبال راڄپر ، شاخ ابڙان جي ڪائونسلر محرم چنو، ثاقب ابڙاني جي پٽ ذوهيب سومرو يونين ڪائونسل ابڙان جي ڪائونسلر ممتازخاصخيلي ،منظورخاصخيلي ۽ ٻين چيو ته ثاقب سومرو ابڙاني گھڻ طرفي شخصيت جو مالڪ ھو. ھو ھڪ ئي وقت شاعر، اديب، استاد ۽ سنڌي ٻولي جو ماھر ھو. ھن سڄي حياتي تعليم کي ارپي ۽ سوين سلڇڻا شاگرد پيدا ڪيا. ھنن چيو ته ثاقب سومروابڙاني سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ سنڌ جي ماڻھن ۾ شاعري ذريعي سجاڳي پئدا ڪئي. ھو غريبن جو ھڏ ڏوکي ۽ مھمان نواز ھو. ھن پنهنجي شاعري ۾ مسڪين ماروئڙن جي دردن جي عڪاسي ڪئي آھي. سندس شاعري ۾ جتي عشق مجاز آھي اتي ڌرتي جو آواز پڻ آھي. ھن شاعري ۾ ظلم خلاف مزاحمت جو سڏ ڏنو ۽ پاڻ به سدائين ظلم خلاف مزاحمت ڪندو رھيو جنھن سبب ھن تمام گھڻا ڏک پڻ ڏ ٺا ۽ سائين ثاقب سومروابڙاني سنڌ جو سرمايو ھو کيس سنڌ ۽ ان جي رهواسين سان عشق هو هن پنهنجي سموري ڄمار سنڌ جي خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪئي، اڄ ابڙان شھر اداس آھي، ڇاڪاڻ ته سائين ثاقب جا ٽھڪ ۽ ڪچهريون ابڙان کان موڪلائي ويون آھن. ساھتي پرڳڻو ھڪ مھمان نواز، پر خلوص، محبت، پيار، پاٻوھ سان ڀرپور شخصيت کان خالي ٿي ويو آهي هنن چيو ته سائين ثاقب سومروابڙاني سڄي سنڌ اندر ايم اي سنڌي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ پهريون سنڌي ٻولي جو ماهر هو جنهن کان ڪيترائي ناليواري اديب شاعر تعليمي ماهر ٻولي جي لفظن جي معنيٰ مونجهارن وقت پڇندا هئا ۽ هو انهن کي بهترين جواب ڏئي متمين ڪري ڇڏيندو هو پاڻ سموري زندگي تعليم جي خدمت ڪندي گزاري ڇڏي اڄ به ساهتي پرڳڻي اندر ۽ ابڙان مٺياڻي نوان جتوئي جي آس پاس جي ڳوٺن ۾ سوين سندس شاگرد موجود آهن جن کي ثاقب سومرو ابڙاني سنڌي ٻولي پڙهڻ سمجهڻ سيکاري ويو آهي . ھو ڪيترو عرصو بيمار ھو پر ھن ھيڻي نه ٻولي، بيماري سبب معاشي طور انتھائي خراب حالتن مان گذريو پر ثقافت کاتي سميت ڪنھن کي به سھائتا لاءِ اپيل نه ڪيائين، ھو ارڏو انسان ھو. سندس وڇوڙو وڏو صدمو آھي. پر کيس وساري ناهيون سگهيا اڄ به اسان کي ياد آهي. ھن اسي واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ابڙان جو بنياد وڌو ۽ سيڪريٽري رھيو ۽ آخري وقت تائين سنڌي ادبي سنگت شاخ ابڙان جو ميمبر رھيو. هن جي قومي ۽ عوامي شاعري سنڌ جي سمورن بهترين فنڪارن ڳائي آهي ۽ سنڌ جي ناليواري فنڪار ممتاز لاشاري پنهنجي آواز ۾ سندس ڪيترائي گيت ،ڪافيون ،غزل ڳايا آهن جن ۾ سندس قومي گيت بي درد ڪهن ٿا پيا اولاد اٻوجهن جو، يا رب نه سڻي ٿو ڪو فرياد اٻوجهن جو ڳايوآهي ۽ ان کان سواءِ سندس شاعري جو ھڪ مجموعو لوساٽيل لالاڻ شايع ٿي ڪتاب واري صورت ۾ اڄ به اسان وٽ موجود آهي ، باقي سندس شاعري جا ڪيترائي مجموعا غربت سبب ڇپجي نه سگھيا.آهن جڏھن ته ثاقب سومروابڙاني پنهنجي سموري ڄمار جي ايم سيد جي فڪر جو پيروڪار رهيو ۽ استادن جي حقن جي لاءِ پڻ سائين راشد مورائي، مسرور پنائي، حافظ محمد بخش خاصخيلي سان گڏجي پ ٽ الف جي پليٽ فارم تان استادن جي حقن لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي ۽ هن ساهتي پرڳڻي ۾ انهن سان گڏجي جهرجهگ واهن وستي ڳوٺن ۾ ڪچهريون ڪري جيڪو شعور ڏنو آهي ان جي ڪري کيس پنهنجي ڪردار جي ڪري ياد رکيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
سنڌي ادبي سنگت شاخ ابڙان
0 تبصرے