ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوھستان ۾ برسات جي پاڻي کي اسٽور ڪرڻ لاء منصوبابندي ڪئي وڃي: اياز لطيف پليجو

ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوھستان ۾ برسات جي پاڻي کي اسٽور ڪرڻ لاء منصوبابندي ڪئي وڃي: اياز لطيف پليجو

ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوھستان ۾ برسات جي پاڻي کي اسٽور ڪرڻ لاء منصوبابندي ڪئي وڃي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوھستان ۾ برسات جي پاڻي کي اسٽور ڪرڻ لاء منصوبابندي ڪئي وڃي. ڪاڇي، ڪوھستان ۽ ٿر ۾ برساتي پاڻي گڏ نہ ڪرڻ سبب پاڻي ضايع ٿي وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ مٿين علائقن ۾ شديد برساتون پئي رھيون آھن. سنڌ ۾ برساتن کانپوءِ انتظامي نااھلي ۽ ڪرپشن جي ڪري ماڻھو تڪليف ۾ اچن ٿا. ڪرپشن جي ڪري ماڻھو ھٿرادو ٻوڏ جو شڪار ٿين ٿا. سنڌ حڪومت فوري طور تي برساتي پاڻي جي نيڪال وارن رستن کي بحال ڪري. شھرن جو ڊرينيج سسٽم بھتر ڪيو وڃي تہ جيئن برساتي پاڻي بہ آساني سان نيڪال ٿي سگھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڌاڙيل راڄ، ڪرپشن، منشيات، بيروزگاري، تعليم جي تباھي وڏا مسئلا بنجي ويا آھن. حڪومت انھن مسئلن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري. پوليس کي ذاتي مقصدن ۽ مخالفن خلاف انتقام لاءِ استعمال ڪرڻ بدران انھن کي قانون موجب ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي تہ امن امان بحال ٿي ويندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپشن تي ڪينسر بنجي ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي. منشيات جو زھر نوجوانن کي زندھ لاش بنائي رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ بيروزگاري سبب نوجوان خودڪشيون ڪري رھيا آھن. حڪومت روزگار جا وسيلا پيدا ڪري. اياز لطيف پليجي چيو تہ تعليم سان ئي سنڌ ترقي ڪري سگھي ٿي. تعليم ادارن کي بھتر بنايو وڃي. سنڌ جو تعليمي نصاب جديد بنايو وڃي.