شڪارپور ۾ بھ 09 مئي واري واقعي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعريبازي

شڪارپور ۾ بھ 09 مئي واري واقعي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعريبازي

شڪارپور ۾ بھ 09 مئي واري واقعي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعريبازي

شڪارپور (احسان ابڙو )پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ، پاڪ فوج جي ﺣﻖ ۾ اڀ ڏاريندڙ نعرا، تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور محمد فيضان چيما جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي حمايت ۾ جهاز چوڪ شڪارپور کان پريس ڪلب شڪارپور تائين ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ ۾ پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي حق ۾ اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور محمد فيضان چيما ريليءَ سان خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سان ئي اسانجو وجود آھي ۽ وقت اچڻ تي ان تان پنهنجي جان قربان ڪرڻ کان نه ڪيٻائينداسين . ريلي ۾ شهرين ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان اسانجي جان آهي پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا اسان جا محافظ آهن. انهن مٿان ڪنهن به قسم جي الزام تراشي برداشت نه ڪئي ويندي.ريلي ۾ شڪارپور جي شهرين پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي