ڪراچي ۾ جهيڙي ۾ فائرنگ سان3 ٻارڙن جو پيءُ قتل

ڪراچي ۾ جهيڙي ۾ فائرنگ سان3 ٻارڙن جو پيءُ قتل

ڪراچي ۾ جهيڙي ۾ فائرنگ سان3 ٻارڙن جو پيءُ قتل

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ جهيڙي ۾ فائرنگ سان3 ٻارڙن جو پيءُ قتل جڏهن ته ان جو والد ۽ هڪ دوست زخمي ٿي پيا، پوليس موجب ڪورنگي جي علائقي 2 نمبر سيڪٽر 33/Cنور مسجد ويجهو جهيڙي جي فائرنگ سان هڪ ڄڻو قتل ۽ تشدد ۾2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ مقتول جو والد ۽ دوست شامل آهن، مقتول ڪيبل آپريٽر ۽ 3 ٻارڙن جوپيءُ جو مقتول جي لاش ۽ زخمي کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، علائقي جي ڪولڊ ڊرنڪ وارن مقتول جي دوست کي ڦورو قرار ڏئي پڪڙي ورتو هو ۽ وڻ سان ٻڌي ڦاهو ڏيڻ پئي چاهيو، مدد گار 15تي فون ڪرڻ جي باوجود پوليس ٿڏي تي نه پهتي، جنهن کان پوءِ فائرنگ ۾ ملوث جوابدار کي جناح اسپتال مان گرفتار ڪري ورتو، ڪراچي پوليس جي ترجمان مطابق فائرنگ سان مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ 33 سالن جي محمد فيضان جي نالي سان ڪئي وئي، جڏهن ته زخمين ۾ مقتول جو دوست دانش ۽ مقتول جو والد محمد عمر شامل آهن، مقتول گهر جي وجهي علائقي ۾ ڪيبل نيٽ جو ڪم ڪندو هو ۽ 3 ٻارڙن جو پيءُ هو، جڏهن ته زخمي دانش مقتول فيضان جو دوست ۽ ڪورنگي 6 نمبر رهواسي آهي ۽ ان جو ڪورنگي اڍائي نمبر غريب نواز مارڪيٽ ۾ ڌاڳي جو دوڪان آهي، مقتول جو والد ڪزن ۽ علائقي واسين ميڊيا سان ٻڌايو ته واقعي وقت علائقي ۾ ڦورو آيا هئا ۽ شهرين کان ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته دانشن پنهنجي لائسنس واري پسٽل سان ڦورن تي پوٺييان فائرنگ ڪئي، جڏهن ته اهي فرار ٿي ويا، ايتري ۾ علائقي ڪولڊ ڊرنڪ جي دوڪان وارا چار ڀائر ۽ ان جا دوست آيا ۽ دانشن کي ڦورو ڦوروڪري پڪڙي ورتو ۽ مارڪٽ شروع ڪري ڏني، جڏهن ته انهن فيضان جي ڳلي ۾ رسي ٻڌي وڻ سان ٻڌي ڦاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مٿي ۾ پسٽول جو ڌڪ به هنيو، دانش کي اهڙي حالت کي ڏسي دوست فيضان ان کي بچائڻ لاءِ پهچي ويو، جڏهن فيضان جو جهِڙو ڏسي ان جو والد به اتي پهتو، ان موقعي تي حسان عرف بابو، ريحان سميت چارئي ڀائر ۽ ان جا دوست فيضان ۽ دانش سان وڙهي پيا، انهي دوران حسام دانش کان ان جو لائسنس وارو پسٽول کسي ورتو، حسام عرف بابو کسيل پسٽل جا فائرنگ ڪئي، جنهن سان فيضان کي ٻه گوليون لڳيو ۽ هو سخت زخمي ٿي پيو، علائقي واسين مطابق ڪولڊ ڊرنڪ وارا علائقي بدمعاش آهن، انهن سڀني ڀائرن وٽ پسٽول آهن ٿوري ٿوري ڳالهه تي ماڻهن تي هٿيار سڌا ڪري وٺندا آهن، فيضان ۽ ان جي والد ۽ دانش کي زخمي ڪرڻ کان پوءِ ڪولڊ ڊرنڪ وارن جي وڏي ڀاءُ ريحان پنهنجي آڱرين تي فائرنگ ڪري آڱريون رتو رت ڪري ڇڏيون ۽ جناح اسپتال پهچي ويو، جتي ان مقتول جي لاش سان گڏ آيل علائقي واسن جون همدرديون هاصل ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي، جڏهن ته انهي دوران جناح اسپتال کي ايم ايل او پاران پولس ڪنٽرول کي واقعي جي انٽري ڪرڻ تي ڪونرگي پوليس جناح اسپتال پهتي، ۽ حالتن کي ڏسندي پوليس ريحان سميت ٻن ڄڻن کي تحويل ۾ وڍي پوليس موبائل ذريعي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، دانش پاڻ پننجي بيان ۾ ٻڌايو ته ريحان ۽ ان جي ڀائرن ان کي پسٽل جا بٽ هنيان ۽ ڦاهو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن سان هو سختي زخمي ٿي پيو.