حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران قديم وسنديون ڊاھڻ خلاف ريلي

حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران قديم وسنديون ڊاھڻ خلاف ريلي

حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران قديم وسنديون ڊاھڻ خلاف ريلي

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد پاران قاسم آباد حيدرآباد جي علائقي ڳوٺ بينظير ڪالوني، سحرش نگر. پٺاڻ ڳوٺ گدو ناڪي ڀرسان ڳوٺ يا علي کي ڪوڙي انڪروچمينٽ جي سان ڊاھڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ آغا عباس پٺاڻ، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر ادي زينت سمون، ڪيو اي ٽي جي اڳواڻن خادم سمون، نذير بليدي، بابو ميمڻ، الطاف ناگراج صابر لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پٺاڻ ڳوٺ گدو ناڪي پيادل مارچ ڪري شھباز بلڊنگ جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ڌرڻي کي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ آغا عباس پٺاڻ خطاب ڪندي چيو تہ ڪوڙي انڪروچمينٽ جي نالي ۾ قبضا ڄاڻائي قديم وسنديون ڊاهڻ نہ ڏنيون وينديون. رهواسي پنهنجا گهر بچائڻ لا پرامن جدوجهد جي ميدان تي اچن. قومي عوامي تحريڪ جدوجهد جي هر ميدان تي ساٿ ڏيندي. سنڌياڻي تحرڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ ڪرپٽ حڪمران ۽ ڪامورا شاهي قديم وسنديون ڊاهڻ چاهي ٿي. ايريگيشن جي ڪرپٽ عملدارن حيدرآباد ۾ سنڌو درياءَ جي اندر ڪچي ۾ بلڊر مافيا جي وڏن منصوبن خلاف ڪي بہ نوٽيس جاري نہ ڪيا آهن، هٿ سان بلڊر مافيا کي وڏا منصوبا ٺاهڻ ڏنا پيا وڃن. هنن چيو تہ قاسم آباد جا ڳوٺ بختاور ڪالوني، قادر نگر، سحرش نگر، حسين آباد ۽ ٻيا علائقا تمام پراڻا آهن، انهن علائقن ۾ لکين غريب عوام رهي ٿو، انهن علائقن جي پورهيت عوام محنت مزدوري ڪري پنهنجا گهر ٺاهيا آهن، غريب ماڻهن جا گهر ڊاهڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نظير بليدي خطاب ڪندي چيو تہ حڪمران عوام کي دربدر ڪرڻ بند ڪن. آھي تہ قاسم آباد سميت حيدرآباد جي ڳوٺن کي پڪو ڪري کين مالڪاڻا حق ڏنا وڃن.