سجاول ۾ پ ٽ الف جي اڳوڻي صدر محمد موسيٰ لغاري جي لاڏاڻي تي تعزيتي تقريب منعقد

سجاول ۾ پ ٽ الف جي اڳوڻي صدر محمد موسيٰ لغاري جي لاڏاڻي تي تعزيتي تقريب منعقد

سجاول ۾ پ ٽ الف جي اڳوڻي صدر محمد موسيٰ لغاري جي لاڏاڻي تي تعزيتي تقريب منعقد

سجاول(گلشيرميربحر)پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن ضلع سجاول جي اڳوڻي صدر مرحوم محمد موسيٰ لغاري جي چاليهي جي موقعي تي تعزيتي تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب مرحوم موسيٰ لغاري جي اباڻي ڳوٺ شفيع محمد لغاري ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سجاول سميت سڄي سنڌ مان پ ٽ الف جي مرڪزي اڳواڻن، پيپلز پارٽي ضلعي سجاول جي اڳواڻن ۽ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي پيپلزپارٽي ضلعي سجاول جي اڳواڻن ايم پي اي ريحانه لغاري، ارباب وزير احمد ميمڻ، حاجي شوڪت ملڪاڻي، پرائمري ٽيچرس ايسوسي ايشن جي مرڪزي اڳواڻ حاجي شفيع محمد سيٺو، گسٽا اڳواڻ غلام قادر باغي، عمر ميمڻ، سالم زرداري، لکاڏنو جمالي، عبدالرزاق لنڊ، بچل خاصخيلي، مير حسن آريسر، عطا حسين شاهه، منظور چانڊيو، نياز احمد ميمڻ، حافظ رياض ميمڻ، رسول بخش قريشي، سيد اياز علي شاهه، مظفر لغاري، غلام مصطفيٰ ڀنڀرو، نثار احمد مھر، عتيق الرحمان سولنگي، عبدالقادر ڪنڀار، ساگر ميمڻ ۽ ٻين چيو ته محمد موسيٰ لغاري پ ٽ الف جو اھو مزاحمتي ڪردار هو، جيڪو مزاحمت سان گڏ مفاهمت جو بہ بادشاهه هو. محمد موسيٰ لغاري هميشه ڪوشش ڪئي ته پ ٽ الف ۾ ڌڙابندي ختم ڪئي وڃي ۽ سنڌ جي مظلوم پرائمري استادن جي حقن جي حاصلات لاءِ گڏجي جدوجهد ڪئي وڃي.هنن چيو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي آمريتي دور حڪومت ۾ موسيٰ لغاري کي جبري موڪل تي موڪليو ويو ۽ ٽن سالن تائين سندس پگهار روڪي وئي پر پاڻ پنھنجي نظريي تي ثابت قدم رھيو ۽ آڻ نہ مڃي. هنن چيو ته اڄ محمد موسيٰ لغاري اسان جي وچ ۾ موجود ناهي پر سندس مشن، سندس نظريو ۽ سندس پارٽي موجود آهي، سندس ڇڏيل مشن جي تڪميل اسان سڀني جي ذميواري آهي. تقريب ۾ ميزباني جا فرائض پ ٽ الف سجاول جي اڳواڻن محمد عمر ميمڻ، لطف الله ميمڻ، بسنت ڪمار، نجيب سرويچ، عبدالشڪور ملاح، محمد امين سرواڻ، عرفان سومرو ۽ ٻين سرانجام ڏنا.