بڪيراشريف: ڳوٺ ڪانڀو خان ماڇي ۾ مڙس هٿان ڪارنهن تهمت مڙهي هڪ نياڻي جي امڙ قتل

بڪيراشريف: ڳوٺ ڪانڀو خان ماڇي ۾ مڙس هٿان ڪارنهن تهمت مڙهي هڪ نياڻي جي امڙ قتل

بڪيراشريف: ڳوٺ ڪانڀو خان ماڇي ۾ مڙس هٿان ڪارنهن تهمت مڙهي هڪ نياڻي جي امڙ قتل

بڪيراشريف (رپورٽر) بڪيراشريف ٿاڻي جي حد واڳوڏر ويجهو ڳوٺ ڪانڀو خان ماڇي ۾ مڙس پاران مبينا طور 19 ورهين جي عورت کي غيرت جي نالي تي قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺ ڪانڀو خان ماڇي ۾ محبوب ولد معشوق علي ماڇي پاران مبينا طور سندس زال مسمات ليلا ڌي الھڏنو ماڇي کي غيرت جي نالي تي ڪهاڙين جا سڌا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي قتل ٿيل عورت جي 2 سالن جي نياڻي پڻ آهي واقعي واري جاء تي پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ، ذريعن موجب زال کي مبينا طور قتل ڪندڙ محبوب ماڇي کي علائقي جي بااثرن پاران ٿاڻي تي پيش ڪرڻ لاءِ ڳالهيون هلندڙ آَهنن، قتل ٿيل عورت جو لاش ايمبولينس زريعي پوليس اسٽيشن پهچايو ويو جتان پوسٽ مارٽم لاء لاش کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو