نواب ولي محمد سانحي دوران مارجي ويل 5 ڳوٺاڻن جي خون جي نبيري لاءِ ڌريون راضي، نبيرو سيد زين شاھھ ڪندو

قاضي احمد : سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ سان سندس جي رهائش گاهه تي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جو فرزند عاشق حسين زرداري، ذوالفقار علي گهلو ۽ ڀنڊ برادري جي متاثر ڌر مان حاجن خان ڀنڊ، مهدي حسن ڀنڊ جي مُلاقات ديھ ٻنڀائي جي زميني تڪرار تان مارجي ويل ڀنڊ برادري جي پنجن ڄڻن جي خون جو فيصلو 10 مئي تي مجيد ڪيريو ٿيندو ٻنهي ڌرين ڀنڊ برادري ۽ زرداري ڌر پاران سيد زين شاه تي اعتماد ڪندي کيس امين مقرر ڪيو ويو ياد رهي ته 800 ايڪڙ زرعي زمين جي تڪرار تان زرداري ڌر جي هڪ طرفي فائرنگ ۾ 12 فيبروري 2022 تي سب انسپيڪٽر عبدالحميد کوسو سميت ڀنڊ برادري جا پنج ماڻهو اياز علي ڀنڊ، معشوق ڀنڊ ،اڪمل ڀنڊ، صابن ڀنڊ ۽ ٽوھ فقير ڀنڊ مارجي ويا هئا، زرداري ڌر پاران ڪجھ ڏينهن اڳ عاشق حسين زرداري جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو وٺي ڀنڊ برادري جي پنجن ڄڻن جي وارثن وٽ پهتا هئا جتي تڏي تي لڙي آيل ميڙ منٿ قافلي کي ڀنڊ برادري پاران مان ڏيندي فيصلي لاءِ راضي ٿي ويا هئا ۽ 10 مئي تي سيد زين شاه جي رهائش گاهه مجيد ڪيريو ۾ ٻنهي ڌرين جي امين سيد زين شاه جي سرپئنچي ۾جهيڙيندڙ ڌرين کي ٺاھڻ لاء نبيرو ٿيندو