سنڌ جي پاڻي تي ڏيڍ صدي کان ڌاڙو جاري آھي، پاڻي تي پھريون حق پڇڙي وارن جو آھي: پليجو

سنڌ جي پاڻي تي ڏيڍ صدي کان ڌاڙو جاري آھي، پاڻي تي پھريون حق پڇڙي وارن جو آھي: پليجو

سنڌ جي پاڻي تي ڏيڍ صدي کان ڌاڙو جاري آھي، پاڻي تي پھريون حق پڇڙي وارن جو آھي: پليجو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي پاڻي تي ڏيڍ صدي کان ڌاڙو لڳي رھيو آھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڀڙڀانگ ٿي ويون آھن. پاڻي تي پھريون حق پڇڙي وارن جو آھي. اھو عالمي قانون آھي. تونسا پنجند لنڪ ڪئنال، چشما جهلم لنڪ ڪئنال ذريعي سنڌ جي پاڻي تي سڄو سال ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا.اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان کي بہ سڀ کان پھرين پنھنجي خودمختياري، پنھنجا مفاد، پنھنجا ماڻھو ۽ انھن جي خوشحالي، پنھنجي معيشت عزيز ھجڻ گھرجي پر افسوس جيڪي بہ حڪمران اچن ٿا اھي ٻاھرين ڊڪٽيشنز تي ھلي ملڪ کي غلام بنائي ڇڏين ٿا. پنھنجو سمنڊ، درياھ، انيڪ قدرتي وسيلا ھجڻ باوجود اسان جو عوام غربت جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي۔ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري تمام گھڻي وڌي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت کي اچڻ ئي نہ ڏنو ويو آهي. مينيج ڪري آندل حڪمرانن ۽ عوامي قوتن کي دٻائڻ جي ڪري ملڪ ۾ سدائين بحراني حالتون رهيون آهن. مھانگائي، بيروزگاري، لاقانونيت، ڪرپشن، وسيلن جي نيلامي، ميرٽ جو قتل وڏا مسئلا آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ مھانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي۔ عوام جي حقيقي آواز کي دٻائڻ لاء مصنوعي اشو پيدا ڪيا وڃن ٿا۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ شامل وحدتن کي ڪڏهن بہ برابري وارا حق نہ مليا آهن. جمهوريت ۽ اڪثريت جي نالي ۾ ننڍن صوبن خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان جو استحصال ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ صوبا آهن پر اتي جي عوام سڀ کان بدحال زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. جتان تيل ۽ گئس نڪري ٿو، اتي جا ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جا لکين ماڻهو گئس جي بنيادي سهولت کان محروم آهن. پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، روڊ ناهن، صحت جي سهولت ناهي، تعليم کان محروم رکيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي ترقي کان بلڪل محروم رکيو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسين برابري واري جمهوريت چاهيون ٿا، جنهن ۾ برابري وارا حق هجن، وسيلن تي اختيار هجي، نوڪرين ۾ پورو حق ملي، صحت، تعليم ۽ بنيادي سهولتون ملن. افسوس آهي جو اسان وٽ بنيادي حق صرف امير طبقي جا مڃيا وڃن ٿا. غربت ۽ بدحالي پورھيت عوام جو مقدر بنايو ويو آھي.