خانپور مهر : ماٿيلي واسڻ ناري ڪارنهن الزام هيٺ قتل، 4 جوابدار گرفتار، 7 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

خانپور مهر : ماٿيلي واسڻ ناري ڪارنهن الزام هيٺ قتل، 4 جوابدار گرفتار، 7 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

خانپور مهر : ماٿيلي واسڻ ناري ڪارنهن الزام هيٺ قتل، 4 جوابدار گرفتار، 7 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

خانپورمهر(رپورٽر) خانپورمهر ويجهو ميرپورماٿيلو واسڻ ناري صغران مهر کي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪيو ويو، سندس لاش سم نالي وٽان ھٿ ڪيو ويو، پوليس لاش ھٿ ڪري واقعي واري ھنڌن تان چئن جوابدارن ۾غلام نبي،غلام علي، سجاول ۽ عارب مهر کي ڪيو ويو، مقتولا جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، سرڪار پاران اي ايس آءِ منظور لانگاهه جي فرياد تي خانپورمهر ٿاڻي تي ناري جو قتل ڪيس گرفتار ڪيل چئن ڄڻن سميت 7 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ بابل مهر، سجاول مهر، ارباب مهر، غلام نبي ۽ غلام علي سميت ٻن اڻ سڃاتلن کي نامزد ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ ناري صغران مهر کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو ڪيس جي متن موجب مقتول ناري ميرپورماٿيلو جي ڳوٺ عرض محمد مهر جي رهواسڻ صغرا مهر آهي جنهن کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو ڪيس جي فريادي موجب تہ ناري ڪجھ وقت اڳ شيخ برادري جي نوجوان جمشيد شيخ سان پيار جي پرڻي لاءِ گهران نڪتي هئي پوليس موجب ناري جو لاش سندس والد انور مهر شيخ همدان بن محمد اسپتال مان وصول ڪري ڳوٺ کڻائي ويو آهي واضع رهي ته گذريل رات خانپورمهر لڳ سم نالي وٽان ناري جو لاش هٿ آيو هو، جڏهن ته پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري واردات ۾ استعمال ٿيل ڪار به هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي هئي گرفتار ٿيل چئني ڄڻن پريس ڪانفرنس دوران ايس ايڇ او سامهون ميڊيا سان ڳالهائيندي پنهنجو موقف ڏنو هو تہ قتل ٿيل ناري اسان جي سئوٽ آهي جنهن کي اسان نہ پر اسان جي مامي بابل ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو آهي، اسين لاش کڻڻ آياسين ته پوليس گرفتار ڪيو مقتول ناري ڪجھ وقت اڳ جمشيد شيخ نالي شخص سان گهران نڪري وئي هئي جيڪا راڄوڻي ڪوششن سان واپس ٿي ۽ بعد ۾ اسان جو مامو بابل مهر کيس سانگهڙ پنهنجي گهر وٺي ويو، هن فون ڪري ٻڌايو ته صغران کي مون قتل ڪري سندس لاش ڦٽو ڪيو آهي.