سکر ۾ شهيد ميان آدم شاھ ڪلھوڙي جو ساليانو عرس مبارڪ ملھايو ويو

سکر ۾ شهيد ميان آدم شاھ ڪلھوڙي جو ساليانو عرس مبارڪ ملھايو ويو

سکر ۾ شهيد ميان آدم شاھ ڪلھوڙي جو ساليانو عرس مبارڪ ملھايو ويو

سکر (بيورو) سکر ۾ حضرت شهيد ميان آدم شاھ ڪلھوڙي جو ساليانو عرس مبارڪ ٿي گذريو.درگاھ تي گلن جي چادر ھر سال جيان هن سال بہ انجمن اتحاد عباسیہ پاڪستان جي قائد محترم جناب ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي جي حڪم مطابق انجمن اتحاد عباسیہ صوبائي نائب صدر عاشق عباسي. ڊسٽرڪٽ سکر جو سرپرست اعلي . اآفتاب احمد عباسي. نائب صدر نعت خوان عبداللطيف عباسي. حاجي گل ڪلوڙ عباسي. قربان ڪلوڙ عباسي. صوبائي رابطہ سيڪريٽري ديدار عباسي. ڊويزن سکر جي نائب صدر محمد اسحاق عباسي. ضلع گھوٽڪي جو صدر وڏيرو ھدايت الله ڪلھوڙو. ضلعي سکر جو نائب صدر شاھنواز عباسي. جنرل سيڪريٽري. عبدالحميد عباسي. ڊاڪٽر ننگر عباسي ۽ ٻين عھديدارن گڏجي حضرت شهيد ميان آدم شاھ ڪلھوڙي جي درگاھ تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فل خواني ڪئي. ان موقعي تي مھمان خاص سردار معظم علي خان عباسي ۽ نوابزاده ڪاظم علي خان عباسي ۽ فياض احمد مھيسر ڊپٽي ڪمشنر سکر جن شرڪت ڪئي. عرس مبارڪ جون ٻھ ڏينھن تقريبون جاري رھيون عرس مبارڪ ۾ مريدن. اديبن .شاعرن صحافين ۽ شھر واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.عرس مبارڪ جو آرگنائيزر ميان جھانگير عباسي ء درگاھ ميان آدم شاھ ميلا ڪاميٽي جي عھديدارن پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. ان موقعي تي سردار معظم علي خان عباسي چيو تہ اسان جي خاندان جا بزرگ ولي ٿي گذريا جنھن جي مزارھن تي ان وقت ۾ درگاھون جوڙيون ويون هيون جيڪي ھن وقت مءمل طور زبون واري حالت ۾ ٿي ويون آھن پر سنڌ حڪومت ڪنھن قسم جو تعاون نہ ڪرڻ تي ڏک ٿيندو آھي . آخر ۾ آفتاب احمد عباسي پنھنجي آء بي واري آفتاب ريسٽورنٽ تي رات جي ڊنر جو بندوبست ڪيو ويو ھو ۽ عاشق عباسي مھمانن جو آڌر ٻاء ڪيو .