نوشھروفيروز ويجھو معصوم ٻارڙو اُرڙي وگھي فوت، ھفتي اندر فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ 3 ٿي ويو

نوشھروفيروز ويجھو معصوم ٻارڙو اُرڙي وگھي فوت، ھفتي اندر فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ 3 ٿي ويو

نوشهرو فيروز (ڊر)نوشھروفيروز ويجھو ڳوٺ وڏا ڏنگراج ۾ ٻن سالن جو ٻارڙو ارڙي وگھي فوت ٿي ويو، جڏھن ھفتي اندر 3 ٻارڙا ارڙي ۾ فوت ٿي چڪا آھن. ڳوٺ وڏو ڏنگراج ۾ ارڙي جي بيماري وبا جيان پکڙجي وئي آھي جنھن سبب ڳوٺاڻي رياض حسين مزاري جو ٻن سالن جو ٻارڙو ارڙي جي بيماري ۾ فوت ٿي ويو. جڏھن ته ان کان اڳ گذريل ھڪ ھفتي اندر ساڳئي ئي ڳوٺ ۾ ڄاڻايل ٻارڙي سميت 3 ٻارڙا ارڙي سبب زندگيون وڃائي ويٺا آھن. ارڙي سبب فوت ٿيلن ۾ حاجي شمس الدين جي 3 ورھين جي نياڻي، مبارڪ رند جو ھڪ سال جو پٽ شامل آھن. جڏھن ته ڳوٺ جا وڏي انگ ۾ ٻار ارڙي ۾ ورتل آھن پر صحت کاتي پاران ارڙي جي بيماري ۾ مبتلا ٻارڙن جي ڪابه سار ناھي لٿي جنھن سبب بيماري جو شڪار ٻارڙا تڙپي رھيا آھن. ڳوٺاڻن موجب انھن ارڙي ۾ مبتلا ٻارڙن جو وس آهر علاج ڪرايو آھي پر صحت کاتو علاج جي سلسلي ۾ ڳوٺاڻن جي ڪابه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي.