گھوٽڪي ۾ پ پ اميدوار علي گوهر مهر ۽ علي نواز عرف راجا خان مهر جي اعزاز ۾ ڪارنر گڏجاڻي

گھوٽڪي ۾ پ پ اميدوار علي گوهر مهر ۽ علي نواز عرف راجا خان مهر جي اعزاز ۾ ڪارنر گڏجاڻي

گھوٽڪي ۾ پ پ اميدوار علي گوهر مهر ۽ علي نواز عرف راجا خان مهر جي اعزاز ۾ ڪارنر گڏجاڻي

گهوٽڪي(رپورٽر)گهوٽڪي شهنشاهه گروپ آف انڊسٽريز جو مالڪ مهر گروپ جو اهم اتحادي اشوڪ ڪمار هيمراجاڻي، مهيش ڪمار هيمراجاڻي، سنديپ ڪمار هيمراجاڻي پاران گهوٽڪي جي قومي ۽ صوبائي تڪ تي پ پ اميدوار سردار علي گوهر خان مهر ۽ سردار علي نواز عرف راجا خان مهر جي اعزاز ۾ ڪارنر گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ اشوڪ ڪمار هيمراجاڻي پاران سردار علي گوهر خان مهر ۽ سردار علي نواز عرف راجا خان مهر کي سون جو تاج پارايو ويو ۽ سمورن مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي سردار علي گوهر خان مهر ۽ سردار علي نواز عرف راجا خان مهر ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته گهوٽڪي ۾ قادرپور گيس فيلڊ هجڻ باوجود هتان جي عوام کي گئس جي سهولت موجود ناهي، جيڪا عوام سان زيادتي آهي. اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي گهوٽڪي جي عوام کي سندن جائز حق ڏيارينداسين هنن چيو ته پيپلزپارٽي چئن صوبن جي زنجير آهي، 8 فيبروري تي گهوٽڪي سميت سڄي ملڪ جو عوام تير جي نشان تي مهر لڳائيندو ۽ نوجوان قيادت بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزيراعظم بڻائيندو. پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن جو منشور عوامي خدمت آهي هنن چيو ته اسان جي خاندان هميشه گهوٽڪي جي عوام جي خدمت ڪئي آهي، ڪڏهن به هندو ۽ مسلمان ۾ فرق نه ڪيو، ڪڏهن به ڪنهن بدمعاش جي سپورٽ نه ڪئي آهي ۽ نه ڪڏهن ڪنداسين. انشاءَ الله اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي سٺا آفيسر مقرر ڪري شهر ۾ امن امان بحال ڪنداسين. هنن چيو ته پيپلز پارٽي خلاف ماضي ۾ به اتحاد ٺهيا پر عوام جي طاقت سان ڪاميابي پيپلز پارٽي جو مقدر هوندي. ان موقعي تي سردارزاده علي انور خان مهر، سيد اصغر علي شاهه گيلاني، سڪندر علي لاکو، سيد الله ودايو شاهه، سيد رضوان شاهه، ظفر الهديٰ صديقي، عبدالمجيد لاکو، چوڌري لياقت علي آرائين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.