سنڌ سرڪار پاران سماجي تحفظ جي رٿائن ۽ پروگرامن کي ھڪ پليٽ فارم تي آڻڻ جو فيصلو

سنڌ سرڪار پاران سماجي تحفظ جي رٿائن ۽ پروگرامن کي ھڪ پليٽ فارم تي آڻڻ جو فيصلو

سنڌ سرڪار پاران سماجي تحفظ جي رٿائن ۽ پروگرامن کي ھڪ پليٽ فارم تي آڻڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ پٺتي پيل طبقي کي سماجي تحفظ فراھم ڪرڻ سان ئي غربت کي ٻنجو ڏيڻ ۽ خوارڪ جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ممڪن آھي، سنڌ سرڪار پاران مختلف کاتن پاران سماجي تحفظ جي رٿائن ۽ پروگرامن کي ھڪ پليٽ فارم تي آڻڻ جو فيصلو، اھڙو اعلان نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سماجي تحفظ واري کاتي ۽ گڏيل قومن جي اداري پاران گڌيل طور ڪرايل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو، سنڌ جي سماجي تحفظ واري اداري صوبي ۾ پٺتي پيل ڪميونٽيزکي سوشل سڪيورٽي فراھم ڪرڻ، غربت ۽ خوراڪ جي کوٽ جي خاتمي لاءِ جاري ڪوششن کي تيز ڪرڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪندي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سيمينار کي خطاب ڪندي چيو تھ سماجي تحفظ جھڙي اھم موضوع تي سنڌ سرڪار پاران شروع ڪيل سماجي تحفظ جا پروگرام صوبي جي اقليتن ۽ پٺتي پيل ڪميونٽيز جي کي سماجي تحفظ جي فراھمي لاءِ اھم وک ثابت ٿيندو.وڏي وزير چيو تھ سماجي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل سرڪاري کاتن توڙي خانگي ۽ سماجي شعبي کي گڏيل طور ڪم ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ تھ سماجي تحفظ حقيقي انساني ترقيءَ جي راھھ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿي. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جو چوڻ ھو تھ شفافيت ۽ احتساب وسيلي سماجي تحفظ وارو شعبو وڌيڪ سگھارو ٿيندو، جنھن سان سنڌ جي رھواسين کي لاڀ پلئھ پوندو.سماجي تحفظ واري کاتي جي وزير محمد احمد شاھھ پنھنجي خطاب ۾ چيو تھ صوبي جي سمورن کاتن کي گڏجي سماجي تحفظ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي، ڇاڪاڻ تھ ھي ھڪ اھم عوامي فرض آھي.سيد احمد شاھھ وڌيڪ چيو تھ سنڌ ۾ آبادي جي پٺتي پيل طبقي کي سماجي تحفظ جي فراھميءَ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي.بينظير انڪم سپورٽ پرگرام جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب، آءِ بي اي ڪراچي جي ڊين ڊاڪٽر عصمہ حيدر، سماجي تحفظ بورڊ جي وائيس چيئرمين حارث گزدر چيو تہ غربت جي خاتمي ۽ مختلف سماجي ۽ معاشي ھاڃن کان بچاءُ جو اثرائتو طريقو پاڪستان ۾ سماجي تحفظ جي سرشتي کي قائم ڪرڻ آھي. جنھن سان سبسڊيز ۽ سرڪاري وسيلن جي ٽارگيٽيڊ ڪارج کي يقيني بڻائي سگھجي ٿو. سنڌ جي تعليم واري سيڪريٽري ڊاڪٽر شيرين ناريجو سماجي تحفظ لاءِ ھر ممڪن اپاءَ وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو تھ سنڌ صوبي ۾ پورھيتن ۽ پورھيت تنظيمن جي آئيني حقن لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، قدرتي آفتن دوران متاثرن جي اڳواٽ مدد ڪرڻ جي بھ ضرورت آھي. شيرين ناريجو وڌيڪ چيو تھ اھو بھ ڏسڻو پوندو تھ خانگي شعبو سماجي تحفظ جي فراھميءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪھڙو ڪردار ادا ڪري پيو، آباديءَ جو دٻاءُ وڌيڪ آھي، تنھنڪري ٽارگيٽڊ سبسڊي تي عمل ڪرڻ گھرجي، جڏھن تھ رڳو سماجي تحفظ کاتي تي ڀاڙڻ بدران سڀني کي پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو.انساني حقن واري کاتي جي سيڪريٽري تحسين فاطمھ پنھنجي خطاب ۾ فيض احمد فيض جو نظم جو حوالو ڏيندي چيو تھ اسان جي ملڪ ۾ نظام صحيح نھ آھي، انڪري مسئلا حل ٿيڻ بدران ويتر وڌندا پيا وڃن، غربت کي گھٽائڻ ۽ سماجي تحفظ جي فراھمي يقيني بڻائڻ لاءِ رياست جي سمورن ادارن کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.پورھئي واري کاتي جي سيڪريٽري شارق احمد پنھنجي خطاب ۾ چيو تھ سنڌ حڪومت پورھيتن جي ترقي ۽ سماجي تحفظ لاءِ سيسي جي پليٽ فارم تان جوڳا قدم کنيا پيا وڃن، جنھن ۾ پورھيتن لاءِ مفت علاج ۽ اجھي جي سھولت بھ شامل آھي. ھڪ ڪروڙ 30 لک بينطير ليبر ڪارڊ ورھا ويا آھن. جڏھن تھ ورڪرز ويلفيئر بورڊ پاران پڻ پورھيتن جي ترقي ۽ تحفظ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، جنھن ۾ مختلف ايمرجنسيز ۾ پورھيتن جي مالي مدد پڻ شامل آھي.خوراڪ ۽ زراعت جي عالمي اداري جي عملدار مون ڪاڍا ۽ نعيم اقبال جو چوڻ ھو تھ قدرتي آفتن کان اڳ امڪاني متاثرن جي سماجي تحفظ واري پروگرام وسيلي اڳواٽ سھائتا لاءِ اپاءَ وٺڻ ضروري آھي، جڏھن تھ گڏيل قومن جو خوراڪ ۽ زراعت وارو ادارو ان سلسلي ۾ يورپي يونين سان گڏجي ڪم ڪري رھيو آھي.سيمينار کي سيڪريٽري ترقي ۽ رٿابندي محمد اصغر ميمڻ، صوبائي سيڪريٽري شارق مصطفيٰ، سماجي تحفظ جي بااختيار اداري جي سي اي او سميع اللھ شيخ، ٿرديپ بينڪ جي سربراھھ ڊاڪٽر سونو کنگھاراڻي، آءِ آر سي جي ڪنٽري ھيڊ شبنم بلوچ، پبلڪ پاليسي شعبي جي ماھر ڪاظم سعيد، آءِ ايل او جي رابعھ رزاق، کدڙن فقيرن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ شھزادي راءِ، عورتن جي حقن جي اڳواڻ امر سنڌو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. سيمينار ۾ سماجي تحفظ جي شعبي سميت مختلف شعبن سان سلھاڙيل شخصيتن شرڪت ڪئي، جڏھن تھ ايونٽ جي پڄاڻيءَ تي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر شيلڊز پڻ ورھايون.