فيص گنج ويجهو 20 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل نوجوان ناري گهر ٻاهران ھٿ، ٿاڻي تي منتقل

فيص گنج ويجهو 20 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل نوجوان ناري گهر ٻاهران ھٿ، ٿاڻي تي منتقل

فيص گنج ويجهو 20 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل نوجوان ناري گهر ٻاهران ھٿ، ٿاڻي تي منتقل

فيض گنج (رپورٽر) فيض گنج لڳ چئين جوابدارن پاران شادي شده عورت کي اغوا ڪرڻ بعد تشدد ڪري سرويو گرم ڪري جسم تي ڏنپ ڏئي ڇڏيا ناري سان جنسي زيادتي ڪندا رهيا جوابدارن ناري جو مٿو بليٽ سان ڪوڙي ڇڏيو زخمي حالت ۾ ناري اسپتال داخل ، ڳوٺ مٺو اسلامي واسي شادي شده عورت ريحانه زال سرفراز اسلامي کي 20ڏينهن اڳ ۾ چئين جوابدارن عاصم انصاف راشد ۽ڪاشف اسلامي اغوا ڪرڻ بعد ويران جگهه ۾ زنجيرن سان ٻڌي قيد ڪري ڇڏيو ، ناري جي مڙس سرفراز اسلامي جو چوڻ آهي ته اسان فوتگي تي ويل هئاسين جوابدارن گهر مان اغوا ڪري 20 ڏينهن تائين قيد ڪري ظلم ڪندا رهيا آهن جوابدار زال کي گهر ٻاهران بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرارٿي ويا جنهن بعد زال کي بيهوشي واري حالت ۾ ٿاڻي تي کڻي آيس ، جوابدار عاصم اسلامي زال کي تنگ ڪندو هو چوندو هو دوستي رک نه ته اغوا ڪندس زال جي جواب ڏيڻ تي جوابدارن زال کي اغوا ڪري قيد ڪري ڏنپ ڏئي مٿو ڪوڙي تذليل ڪري گرم سرين سان جسم تي ڏنپ ڏئي هڪ جوابدار عاصم اسلامي زال سان 20 ڏينهن تائين زيادتي ڪئي آهي چئين جوابدارن تي ناري کي ڏنپ ڏيڻ قيد ڪري زيادتي ڪرڻ مٿو ڪوڙي تذليل ڪرڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل، پوليس ٻن جوابدارن انصاف ۽ عاصم اسلامي کي گرفتار ڪري ورتو