سنڌ جي تباھي جو ڪارڻ ظالماڻو وڏيرا شاهي ۽ سرمائيداريءَ نظام آھي: ممتاز سھتو ايڊووڪيٽ

سنڌ جي تباھي جو ڪارڻ ظالماڻو وڏيرا شاهي ۽ سرمائيداريءَ نظام آھي: ممتاز سھتو ايڊووڪيٽ

سنڌ جي تباھي جو ڪارڻ ظالماڻو وڏيرا شاهي ۽ سرمائيداريءَ نظام آھي: ممتاز سھتو ايڊووڪيٽ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي اڳوڻ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 229 ڪراچي ملير جي نامزد اميدوار ممتاز حسين سهتو ايڊووڪيٽ چيو آھي تہ سنڌ جي تباھي ۽ محرومين جو ڪارڻ ظالماڻو وڏيرا شاھي توڙي سرمايہ داراڻو نظام آھي عوام 8فيبروري تي ايماندار اميدوارن کي ڪامياب ڪن.اھڙن خيالن جو اظھار ھن شاھ لطيف ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب دوران ڪيو.ھن عوام کي اپيل ڪندي چيو ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ وقت ڪجه دير جي لاءِ ايترو ضرور سوچجو ته توهان جو ووٽ توهان جي ٻچن جي مستقبل کي بهتر به بڻائي سگهي ٿو ۽ ماضيءَ جيان تاريخي نقصان به ڏئي سگهي ٿو.ان ڪري بار بار آزمايل ۽ ڪوڙ دوکي ڪرپشن جي سياست ڪندڙن کي هن ڀيري شڪست ڏئي سندن احتساب ڪيو وڃي هن چيو ته ترازو جو نشان امن . انصاف . بهتر مستقبل ۽ بهتر حڪمراني جو نشان آهي جنهن جي قيادت کان وٺي ورڪر ۽ اميدوارن تائين صاف سٿرو ڪردار رکندڙ آهن جنهن ڪري ترازو کي ووٽ ڏئي پنهنجي ووٽ کي عزت ڏياريو.#