English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پ پ ھميشه عوام ۽ ملڪ جي ترقي لاء ڪم ڪري ڏيکاريو آھي: حاڪم علي جسڪاڻي
views
|
17th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
پ پ ھميشه عوام ۽ ملڪ جي ترقي لاء ڪم ڪري ڏيکاريو آھي: حاڪم علي جسڪاڻي
ڪراچي(نبي بخش خاصخيلي)پ پ ھميشه عوام ۽ ملڪ جي ترقي لاء ڪم ڪري ڏيکاريو آھي. 8 فيبروري تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ عوام پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي پوري ملڪ ۾ عوام چونڊرائيندو ۽ ايندڙ ملڪ جو وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ھوندو. اھڙن خيالن جو اظھار پي ايس 98 جي اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي سندس حقن ۾ ھٿ کڻندڙ اڳوڻوسينئر ميمبر بورڊ آف روينيو اڳوڻو اسپيشل اسسٽنٽ اشفاق احمد ميمڻ. اڳوڻو يوسي وائيس چيئرمين مولا بخش چنڊ ۽ ٻين دوستن پاران کيس مبارڪ ڏيڻ دوران ڪيو. ان موقعي تي ھن وڌيڪ چيو ته عوام کي مھانگائي بيروزگاري بک ۽ بدحالي مان جيڪڏھن ڪير ڪڍي سگھي ٿو ته اھا پاڪستان پيپلزپارٽي ئي آھي. ھن چيو ته مختلف دوستن پاران پي ايس 98 تي منھنجي حق ۾ ھٿ کڻندڙ دوستن جو شڪر گزار آھيان. اھي دوست پاڪستان پيپلزپارٽي جو ئي حصو آھن کين ڪڏھن به اڪيلو نه ڇڏينداسين. پير سيد فرش شاھ سرھندي کي آئون سڃاڻيندو به ناھيان۔ ووٽر اسان جا ٻچا آهن پاڪستان پيپلزپارٽيء جي اھڙي سياست ڪڏهن به ناهي رھي جو ووٽرن کي اغوا ڪرائي. ھن چيو منهنجي مٿان ڪوڙا الزام ھڻندڙ پير فرخ شاھ سرھندي شاھ پاڻ پي ايس 98 جو اميدوار آهي ھن چيو ته اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ھر ماڻهوَ جو حق آهي گھٽ ۾ گھٽ اسان اھڙي ڪريل حرڪت نٿا ڪري سگهون۔ ووٽر اسان جا پنھنجا آهن کين ڪڏهن به حراسان ناهي ڪيو پير فرخ شاھ الزام ھڻڻ کان پھرين تصديق ڪري ھا مونکي ته ائين ٿو لڳي ته پير محمد فرخ شاھ سرھندي ڪنهن ٻئي تنظيم جي اميدوار جي مدد ڪرڻ لاء مون مٿان ڪوڙا الزام ھڻي رھيو آهي. ان موقعي تي اڳوڻوسينئر ميمبر بورڊ آف روينيو اڳوڻو اسپيشل اسسٽنٽ اشفاق احمد ميمڻ چيو ته حاڪم علي جسڪاڻي پارٽي جو پراڻو ورڪر آھي اسان کي خوشي آھي ته پارٽي سندس کي ٽڪٽ ڏني آھي. پارٽي جي حڪم تي اسين حاڪم علي جسڪاڻي جي حق ۾ ھٿ کنيو آھي اسين گڏجي پي ايس 98 تي ورڪر ڪري ھي سيٽ کٽنداسين. مخالف جماعتن ھن ملڪ کي سواء لٽڻ جي ڪجھ به ناھي ڏنو. اڳوڻو يوسي وائيس چيئرمين مولا بخش چنڊ چيو ته پي ايس 98 تي پارٽي پاران ھڪ بھترين شخصيت کي پي ايس جي ٽڪيٽ ڏني آھي. جنھن جو ڪنھن به ماڻھون سان ڪوبه اختلاف ناھي رھيو. پارٽي جو ھر ورڪر حاڪم علي جسڪاڻي مان خوش آھي. ھي ٽڪيٽ حاڪم علي جسڪاڻي کي نه پر اسان سڀني ورڪرن کي ملي آھي. ھي سيٽ اسان سڀ ملي ڪري کٽنداسين اگر ھي سيٽ ھن ڀيري اسان کي نڪري وئي ته اسين پورا پنج سال نتيجو ڀوڳينداسين. ھن چيو ته ھنن علائقن ۾ اڳ به پاڪستان پيپلزپارٽي ڪم ڪرايا آھن ۽ ھاڻي به ڪم پيپلزپارٽي جا ورڪر ئي ڪرائيندا. ٻي طرف ايوب ڳوٺ ۾ ويلفيئر يونين ڪاميٽي جي صدر سرواڻ کيمٽيو. جنرل ڪائونسلر ديدار بالادي. رميز ڀٽو. ياسين شر. يوٿ انفارميشن سيڪريٽري عدنان چنڊ ۽ ٻين پاران ڪارنر ميٽنگ ڪوٺائي وئي جنھن ۾ ڳوٺاڻن پاران پي ايس 98 جي اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي کي آجياڻو ڏنو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن شڪايتون ڪيون ته ھي تڪ کٽڻ کانپوء علائقي جي مسئلن کي حل ڪرايو وڃي جنھن تي حاڪم علي جسڪاڻي کين يقين ڏياريو ته ھو کٽڻ کانپوء ھنن علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيندو ۽ نوجوانن کي نوڪريون ڏياريندو. ان موقعي تي تاج محمد وساڻ. لياقت بليدي. حسين بخش ناريجو. سيد اڪبر شاھ ڪاظمي. حنيف سومرو. محمد سلمان جسڪاڻي. محسن جسڪاڻي ۽ ٻيا هڻ موجود ھيا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حج - اسلام جو عظيم فريضو ۽ روحاني توڙي اخلاقي تربيت جو ذريعو
05th Jun 2025
•
سندھ
یوبی جی رہنماوں کا500ارب ڈالر کی افریقی درآمدی مارکیٹ کیلئے اسٹریٹجک مارکیٹنگ پر زور
05th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان عالمی ادارہ محنت کی بنیادی اقدار اور محنت کشوں کے حقوق کے تحفظ اور ایک مشترکہ باوقار اور روشن مستقبل کی تعمیر کیلئے تمام شراکت داروں کے ساتھ مل کرکام کرنے کو تیار ہے۔چودھری سالک حسین
05th Jun 2025
•
پاکستان
آئیڈنٹیٹی پاکستان کی پہلی” ہنر مند“ نمائش کا انعقاد قونصل جنرل آف پاکستان ٹورنٹو کینیڈا میں عیدمیلے کے موقع پر کیا گیا
05th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حج - اسلام جو عظيم فريضو ۽ روحاني توڙي اخلاقي تربيت جو ذريعو
05th Jun 2025
•
سندھ
یوبی جی رہنماوں کا500ارب ڈالر کی افریقی درآمدی مارکیٹ کیلئے اسٹریٹجک مارکیٹنگ پر زور
05th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان عالمی ادارہ محنت کی بنیادی اقدار اور محنت کشوں کے حقوق کے تحفظ اور ایک مشترکہ باوقار اور روشن مستقبل کی تعمیر کیلئے تمام شراکت داروں کے ساتھ مل کرکام کرنے کو تیار ہے۔چودھری سالک حسین
05th Jun 2025
•
پاکستان
آئیڈنٹیٹی پاکستان کی پہلی” ہنر مند“ نمائش کا انعقاد قونصل جنرل آف پاکستان ٹورنٹو کینیڈا میں عیدمیلے کے موقع پر کیا گیا
Advertisement
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
پ پ
بلاول ڀٽو زرداري
وزيراعظم
Advertisement
0 تبصرے