ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين تي گوليون وسائي 2 معصوم ٻار شھيد ڪيا ويا: سيد احمد علي شاھ

ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين تي گوليون وسائي 2 معصوم ٻار شھيد ڪيا ويا: سيد احمد علي شاھ

ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين تي گوليون وسائي 2 معصوم ٻار شھيد ڪيا ويا: سيد احمد علي شاھ

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي) ڪراچي نادرن باء پاس تي ھفتو اڳ ايم ڊي اي طرفان سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ جي آيل تباھي کانپوء ڪراچي ۾ پنھنجي ڌرتي تي ويٺل ھٿين خالي متاثرن جا گھر مسمار ڪرڻ بعد انھن جي مٿان پوليس گوليون ھلايون جنھن ۾ ٻـ معصوم ٻار شھيد ٿي ويا پوليس جي اھڙي دھشتگرديء جو ڪٿي مثال نٿو ملي افسوس آھي جو سنڌ جي نگران سرڪار توڙي آء جي سنڌ معاملي جو ڪو بـ نوٽيس نـ ورتو آھي سنڌ ھاء ڪورٽ جو چيف جسٽيس ۽ ٻيا معاملي جو نوٽيس وٺن ٽينٽ سٽي سنڀاليندڙ سماجي اڳواڻ سيد احمد علي شاھ ڪاظمي جي پريس ڪانفرنس خبرموجب ڪراچي نادرن باء پاس لڳ سماجي اڳواڻ سيد احمد علي شاھ ڪاظمي پنھنجي رھائشگاھ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تـ ھفتو اڳ ايم ڊي اي اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ پوليس ساڻ ڪري ڏيڍ سال اڳ آيل برساتي ٻوڏ دوران متاثر جانيون بچائي ڪراچي پھتا جتي ٽينٽ ۾ انھن رھائش اختيار ڪئي ھئي مگر ايم ڊي اي ۽ پوليس بربريت ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آھي پوليس اھلڪارن ھٿين خالي مسڪين ماروئڙن جا گھر مسمار ڪيا بعد ۾ وري پوليس متاثرن مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنھن ۾ ٻـ معصوم ٻار شھيد ٿي ويا سيد احمد علي شاھ وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تـ ھيء ڪھڙي قسم جي نگران سرڪار آھي افسوس آھي تـ سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر سنڌ جي گھرو وزير توڙي آء جي سنڌ ان معاملي جو ھن وقت تائين ڪو بـ نوٽيس نـ ورتو آھي جڏھن تـ ٿيل ظلم ۽ انصاف لاء معصوم نينگر يونس چانڊيو جو لاش نادرن باء پاس تي رکي ڪري ڌرڻو ھنيو 1ڪلاڪ لڳل ڌرڻي بعد ايس ايس پي اولھ جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو ھو تـ ذميوارن خلاف سخت قدم کنيو ويندو مگر اھو سڀ پوليس جو ڍونگ ھيو ھن وقت تائين گھر مسمار ٿيڻ ٻن نينگرن جي قتل ۽ ٻين جي زخمي ٿيڻ واري معاملي جو ڪنھن بـ قسم جو نوٽيس نـ ورتو ويو آھي ھن چيو تـ اسان ھن ڌرتي جا وارث مالڪ آھيون وري اسان کي قبضا خور سڏيو پيو وڃي ھڪ طرف افغاني بھارين کي ھتي آباد ڪيو ٿو وڃي تـ ٻئي طرف ڌرتي جي وارثن کي پنھنجي ڌرتي تان اٿارڻ لاء انھن جي مٿان فائرنگ ڪري انھن کي قتل ڪرڻ سميت انھن جا گھر ڊاھيا ٿا وڃن مگر ڪو بـ ٻڌڻ ۽ انصاف ڪرڻ وارو نظر نٿو اچي تـ ھن چيو تـ سنڌ ھاء ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ نگران سنڌ جو وڏو وزير معاملي جو نوٽيس وٺي ھن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تـ قتل ٿيل نينگرن جي قتل گھر مسمار ٿيڻ ۽ ڪجھ متاثرن جي زخمي ٿيڻ واري معاملي جي ايم ڊي اي پوليس بلڊر مافيا جي ماڻھن خلاف ڪورٽ ۾ ويا آھيون اميد آھي تـ اتان اسان کي انصاف ضرور ملندو ۽ ظالم پنھنجر انجام تي پھچندا