گهوٽڪي ڀرسان موٽرسائيڪل بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، نوجوان فوت

گهوٽڪي ڀرسان موٽرسائيڪل بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، نوجوان فوت

گهوٽڪي ڀرسان موٽرسائيڪل  بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، نوجوان فوت

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان تيز رفتار موٽرسائيڪل وچ روڊ تي بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو,ڳوٺ علي آباد گلڻ لغاري جي رهواسي عبدالجبار سميجو جو نوجوان پٽ وارث علي سميجو شهر کان موٽر سائيڪل تي سوار ٿي ڳوٺ طرف وڃي رهيو هو ته لنڪ روڊ ڏينگڙي واه تي بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان زخمي ٿي پيو,زخمي نوجوان واث سميجو کي علاج لاء سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو ويو جتي بهتر علاج نه ٿيڻ ۽ صحت جون سهولتون نه هجڻ سبب اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو, فوت ٿي ويل نوجوان وارث سميجو جي وارثن موجب ته اسان جو نوجوان ايڪسيڊنٽ واري هنڌ هڪ ڪلاڪ تائين تڙپندو رهيو پر ان کي ڪير اسپتال پهچائڻ وارو نه هو جڏهن ان کي علاج لاء اسپتال پهچايو ويو ته سول اسپتال گهوٽڪي جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ڪوبه ڊاڪٽر موجود نه هو ۽ صرف سيکڙاٽ عملو موجود هو جن ٻن ڪلاڪن تائين زخمي نوجوان جو علاج نه ڪيو هو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو, اطلاع تي اي سيڪشن گهوٽڪي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي