سنڌي شاگرد سٿ ڪراچي يونيورسٽي پاران ڪي ايس پي پاليسي خلاف احتجاج

سنڌي شاگرد سٿ ڪراچي يونيورسٽي پاران ڪي ايس پي پاليسي خلاف احتجاج

سنڌي شاگرد سٿ ڪراچي يونيورسٽي پاران ڪي ايس پي پاليسي خلاف احتجاج

ڪراچي (نبي بخش خاصخيلي)سنڌي شاگرد سٿ ڪراچي يونيورسٽي طرفان ڪراچي يونيورسٽي طرفان لڳايل KSP پاليسي خلاف سنڌي شاگرد سٿ جي چيئرمين شاھد علي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته ڪراچي يونيورسٽي قانون جي شعبي ۾ KSP پاليسي لاڳو ڪرڻ سان گڏوگڏ ماسٽرس جي سموري شعبن ۾KSP پاليسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي جنهن جو تعداد هن وقت 44 بيچلر ۽ تقريبن ماسٽرس 47 شعبن ۾ لاڳو ٿي وئي آهي. ڪراچي جي ادارن ۾ ڏينهون ڏينهن سنڌي شاگردن جي رستا روڪ بند نه ٿي سگهي آهي اُن ۾ روز شدت اچي رھي آھي ڪڏهن KSP جي صورت ۾ ته ڪڏهن هاسٽل کسڻ جي صورت ۾ ته ڪڏهن وري رجعت پرست تنظيمن جي پٺڀرائي ڪرائي شاگردن تي حملا ڪرائڻ جي صورت ۾ جاري آھي. ھنن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ انتظاميه پاران يقین دهياني ڪرائڻ ۽ روز روز جي آسرن باوجود ھن مھل تائين ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن جي رستا روڪ بند نه ٿي سگهي آھي ڪراچي يونيورسٽي هن سال جي ايڊميشن کان پھريان 43 شعبن تي KSP پاليسي لاڳو هئي وڌائي ڪري 44 ڊپارٽمينٽ تي لاڳو ڪري ڇڏي آهي جيڪي صرف بيچلر ڊگري پروگرام آهن ان کان علاوه 47 ماسٽرس ڊگري پروگرام آهن جن تي به KSP پاليسي پڻ لاڳو آهي، جنهن جو مقصد صرف سنڌي شاگردن جو وڌندڙ تعداد برداش نه ڪندي قانون جي شعبي تي به لاڳو ڪري چُڪي آهي، جنهن جي ڪري پھريان سموري يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن جو تعداد ٻه هزار به ناهي، پوري يونيورسٽي داخلا جي انگ کي ڏسجي تي 40 هزار کان وڌيڪ آهي، ھنن چيو ته اهو ئي سبب آهي ته ڪيترائي شاگرد هن يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ جي خواهش ظاهر ڪن ٿا پر داخلا KSP پاليسي سبب حاصل ڪري نٿا سگهن. ڪراچي يونيورسٽي نالو اوپن ميرٽ جو ڏئي ٿي پر ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ٿو وڃي، جنهن جو مقصد هوندو آهي ته ڪراچي بورڊ مان تعليم حاصل ڪيل ٻارن کي پھريان سموريون سيٽون بنا ڪنهن ٽيسٽ يا ميرٽ جي ڏنيون وينديون،پوءِ چاهي ڪوئي به شاگرد ڪيترو به لائق ڇو نه هجي اهو شاگرد KSP جي ور چڙهي وڃي ٿو،ان کي داخلا اُن صورت ۾ ملندي اگر اُن شعبي ۾ سيٽون بچيون ۽ اُن ڊپارٽمينٽ ۾ ڪراچي بورڊ مان اپلاءِ ڪيل شاگردن جو تعداد ٽوٽل سيٽن کان گهٽ هوندو ته داخلا ملي سگهندي. ھنن وڌيڪ چيو ته اسين سمجھون ٿا تعليم حاصل ڪرڻ جو بنيادي حق سمورن شاگردن جو آهي ۽ هي يونيورسٽي صوبائي يونيورسٽي آهي،اهڙي قسم جي پاليسي ڪنهن به صوبائي يونيورسٽي ۾ لاڳو ناهي،اسين صرف اھو چاهيون ٿا ته تعليم حاصل ڪرڻ هر هڪ شاگرد جو بنيادي حق آهي اُن کي اهڙي طريقيڪار تحت داخلا ڏني وڃي جيڪا ميرٽ هجي پوءِ چاهي اُن شاگرد جو بورڊ ڪوئي به هجي، سنڌ جي شھر دل ڪراچي ۾ سمورن شاگردن کي خيرات بجاءِ انهن کي پنهنجو بنيادي حق ڏنو وڃي، هن پاليسي تحت مخصوص بورڊ جي شاگردن کي سموريون سيٽون ڏنيون پيون وڃن جيڪو انتهائي خراب عمل آهي جنهن سان هڪ تعصب پيدا ٿئي پيو،ڪجهه شاگردن کي خراب ڪارڪردگي جي به داخلا ملي پئي ۽ سٺي ڪارڪردگي ۽ خواھش رکڻ باوجود شاگردن کي نه پئي ملي سگهي،اهڙي قسم جي پاليسي جنهن جي نالي مان ئي تعصب جي بوءِ اچي پئي، اهو به تعليم جي پاڪ پويتر اداري ۾ لاڳو ٿيل آهي اُن کي سنڌي شاگرد سٿ ڪراچي يونيورسٽي مڪمل تي رد ڪري ٿي ۽ اعلان ڪري ته اگر اسان جا مطالبا تسليم نه ڪيا وِيا ته 22 جنوري تي ڪراچي يونيورسٽي جي سِلور جُوبلي گيٽ تي بک هڙتال ڪئمپ لڳائي ويندي، جيڪا مرڻ گهڙي تائين جاري رهندي ۽ 4 مارچ 2024 تي ڪراچي يونيورسٽي کان ڪراچي پريس ڪلب ۽ سنڌ اسيمبلي جو رُخ ڪَيو ويندو. ھنن چيو ته اسين هن سموري عمل جي مذمت ڪيون ٿا،ميرٽ جو قتل عام ڪنهن به صورت برداش نه ڪَيو ويندو اسين هن عمل خلاف قانوني جنگ کان ويندي، سياسي،سماجي جنگ تائين ويندا سين پر هن پاليسي کي ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه ڪيو ويندو.