English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ماحولياتي ماھرن ۽ ماھيگيرن سنڌو درياءَ تي ڊيم اڏي پاڻي روڪڻ کي رد ڪري ڇڏيو
views
|
21st Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ماحولياتي ماھرن ۽ ماھيگيرن سنڌو درياءَ تي ڊيم اڏي پاڻي روڪڻ کي رد ڪري ڇڏيو
ڪراچي(رپورٽ:نور محمد ڪلھوڙو)ماحولياتي ماھرن ۽ ماھيگيرن سمنڊ ۾ مٺي پاڻي جي ڇوڙ کي اڻٽر قرار ڏيندي سنڌو درياءَ تي ڊيم اڏي پاڻي روڪڻ کي رد ڪري ڇڏيو، اڱاري ڏينھن تي تمر جي ٻيلن جي واڍي ۽ سمنڊ ۾ مٺي پاڻي جي ڇوڙ نھ ٿيڻ جي حوالي سان ڪلائيميٽ ايڪشن سينٽر ڪراچي ۾ ماھرن جو مباحثو ڪوٺايو ويو، ان موقعي تي تمر جي ٻيلن جي بچاءَ جي حوالي سان ڪوٺايل مباحثي کي خطاب ڪندي سمنڊ ۽ تمر جي ٻيلن تي ڪم ڪندڙ ماحولياتي ماھر جميل ڪاظمي چيو تھ تمر جي وڻن جي واڍي ٿيڻ جي ڪري تيزي سان گھٽجي رھيا آھن، تمر پاڻي ۾ پيدا ٿيندڙ آھي، حڪمرانن تي تنقيد ڪندي ھن وڌيڪ چيو تھ توھان چئو ٿا تھ ڊيم نھ ٺاھينداسين تھ پاڻي ضايع ٿي ويندو اھڙي طرح سمنڊ کي بھ تازو ۽ مٺو پاڻي گھرجي ٿو، ڇاڪاڻ تھ ان ۾ بھ بھ آبي جيوت رھن ٿا ۽ تمر جا ٻيلا بھ آھن جن لاءِ مٺو ۽ تازو پاڻي ضروري آھي. ھن چيو تھ پر ھاڻي وري تمر جي وڻن جي واڍي تيزيءَ سان ٿي رھي آھي، ھن ٻڌايو تھ ڪي پي ٽي وارن پنھنجي رھائشي ڪالوني تمر جي ٻيلن واري علائقي ۾ ٺاھي آھي، جيڪا تمر جي واڌ ويجھھ لاءِ نقصانڪار آھي، ھن ٻڌايو تھ ھنن ويجھڙ وقت جي سامونڊي طوفانن، سونامين ۾ پاڻي ڊفينس تائين اچي پھتو ھو، ان جو سبب تمر جي وڻن جي واڍي آھي، ڪراچي تيزي سان وڌي ۽ پکڙجي رھيو آھي، ھن چيو تھ ڪراچي ۾ مڇي تھ جھجھي تعداد ۾ آھي، پر ھتي ڪو فش فوڊ جو انتظام نھ آھي، جيڪو مشھور ھجي، تمر جي وڻن کي ختم ڪرڻ سان گڏ ڪمين جي واڌ ويجھھ ۾ گھٽجي رھي آھي، ڇاڪاڻ تھ ڪميون بھ انھي تمر جي آس پاس ۾ رھنديون آھن ۽ انھن ئي علائقن ۾ ڪمين جي نسلي واڌ ويجھھ ٿيندي آھي. جميل ڪاظمي وڌيڪ چيو تھ پاليسي ٺاھيندڙن تمر جي پروٽيڪٽ ايرياز کي شامل نھ ڪيو ويو، ان جي لاءِ مقامي ماڻھن کي پاليسي ٺاھڻ ۾ شامل ڪرڻ گھرجي. فشر فوڪ فورم جي فاطمھ مجيد چيو تھ ڪراچي ۾ اسان کي ساھھ کڻڻ جي لاءِ تمر جو وڻ تمام ضروري آھي، جيڪو سمنڊ جي ڪٽائي ۽ اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿو، نھ صرف سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿو پر تمر جي وڻ جي پاڙن ۾ 50 قسم کان وڌيڪ جون مڇيون پڻ ٿينديون آھن، تمر جو وڻ سامونڊي طوفانن کي روڪيندو آھي، آڪيسيجن فراھم ڪندو آھي، سمنڊ ۾ تيز ھوائن کان بچڻ لاءِ ماھيگير تمر جي وڻن جي آڙ وٺندا آھن، ھن چيو تھ تمر جي واڍي ۾ مافيا ملوث آھي جيڪا ٻارڻ توڙي فرنيچر ٺاھڻ جي لاءِ استعمال ڪندي اھي، فاريسٽ کاتو بلڪل بھ غير فعال آھي. ھن ٻڌايو تھ تمر جي وڻ کي وڏو ٿيڻ جي لاءِ 4 کان 5 سال لڳي ويندا آھن، تمر جا جھنگ ٻاھران گھاٽا نظر اچن ٿا پر حقيقت ۾ اندران وڍجي چڪا آھن، ھن چيو تھ سمنڊ ۾ بنا ٽريٽ جي شھر جو ۽ ڪارخانن جي گدلاڻي اڇلائي ۽ ڇوڙ ڪئي وڃي ٿي، سمنڊ اسان جي روزي آھي، فيڪٽرين جو فضلو ٽريٽ ڪرڻ بنا ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو يا شھر جو انھيءَ سان آبي جيوت ۽ تمر کي وڏو نقصان ٿئي ٿو، ھن چيو تھ سنڌو درياءَ ھن خطي کي آباد ڪيو، درياءَ جو مٺو پاڻي سمنڊ لاءِ ضروري آھي، جيڪو کاري پاڻي کي روڪي ٿو، ھن چيو تھ مٺي پاڻي سان تمر جي واڌ ويجھھ ۾ فرق پوي ٿو، ھن اھو بھ ٻڌايو تھ تمر جو وڻ سم ۽ ڪلر واري زمين تي ناھي ٿيندو، ھن چيو تھ درياءَ جو پاڻي نھ اچڻ ڪري مڇي جي واڌ ويجھھ بھ ناھي ٿيندي، جنھن سان ماھيگيرن جي روزگار جو بھ نقصان ٿيندوآھي. فاطمھ مجيد وڌيڪ چيو تھ ھتي ماڻھن جي ذھنن ۾ وڌو ويو آھي تھ ڊيم ٺھندا تھ بجلي ٺھندي، تڏھن ملڪ جي بجلي جي ضرورت پوري ٿيندي، ڊيم جي ذريعي دريا جو پاڻي روڪينداسين ۽ تڏھن بجلي ٺھندي، ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ جا طريقا استعمال نٿا ڪيا وڃن، ٿر ڪول ۽ ڊيمن تي بجلي ٺاھڻ تي ڌيان ڏنو ويندو آھي، اسان جي رياست کي اھي بجلي پيدا ڪرڻ جا طريقا ختم ڪرڻا پوندا، ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ جا طريقا اختيار ڪرڻ گھرجن، فاطمھ مجيد وڌيڪ چيو تھ اليڪشن جي موسم آھي، ھاڻ ماڻھن کي آگاھي ڏيڻ گھرجي تھ اھي سياسي پارٽين کان مطالبو ڪن تھ تمر جي وڻ جو تحفظ پنھنجي منشور جو حصو بڻائين. طارق اليگزينڊر قيصر چيو تھ تمر جو وڻ ۽ اسان جا ٻيٽ ھن وقت وڏي خطري ۾ آھن…
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Apr 2025
•
تازہ ترین
خیرپور: ببرلوءِ بائی پاس پر وکلاء کی قيادت میں دریائے سندھ سے نئے کینال نکالنے والے سندھ دشمن فیصلے کے خلاف دھرنا جاری، ہزاروں افراد کی شرکت
16th Apr 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مورو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 10 کان وڌيڪ گرفتار
16th Apr 2025
•
سندھ
کراچی میں ٹریفک قوانین کی خلاف ورزی, ایک ہفتے کے دوران 11,276 موٹر سائیکلیں اور 223 بھاری و ہلکی گاڑیاں ضبط
16th Apr 2025
•
تازہ ترین
بی این پی مینگل کا 20 روز سے جاری دھرنا ختم کرنے کا اعلان
18th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ واري سنڌ دشمن فيصلي خلاف وڪيلن جو ٻٻرلوءِ باء پاس تي ڌرڻو ، هزارين ماڻهو شريڪ
18th Apr 2025
•
تازہ ترین
خیرپور: ببرلوءِ بائی پاس پر وکلاء کی قيادت میں دریائے سندھ سے نئے کینال نکالنے والے سندھ دشمن فیصلے کے خلاف دھرنا جاری، ہزاروں افراد کی شرکت
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل ناري خيرپور واسي سئوٽ سان پرڻو ڪري ڇڏيو
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ڌڻي پرتو ڳوٺ ۾ پاڪستان پبلڪ اسڪول ۾ سالياني امتحانن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
ماحولياتي ماھرن ۽ ماھيگيرن
سمنڊ ۾ مٺي پاڻي
ماحولياتي ماھر جميل ڪاظمي
0 تبصرے