گڏاپ: جمالي پل ڀرسان قائم سنڌ آباد جي متاثرن جو پاڻي جي بندش خلاف ڌرڻو

گڏاپ: جمالي پل ڀرسان قائم سنڌ آباد جي متاثرن جو پاڻي جي بندش خلاف ڌرڻو

گڏاپ: جمالي پل ڀرسان قائم سنڌ آباد جي متاثرن جو پاڻي جي بندش خلاف ڌرڻو

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي جمالي پل ڀرسان قائم سنڌ آباد جي متاثرن جو پاڻي بند. رھواسي تڪليفن کي منهن ڏيڻ لڳا. علائقي واسين جو چيئرمين صفوران ٽائون خلاف ريلي ڪڍي احتجاج. ھزارين ماڻھن جي شرڪت. پاڻي ڏيو پاڻي ڏيو جا زوردار نعره. چيئرمين صفوران ٽائون اسان جي آبادي سنڌ آباد جو پاڻي بند ڪري سوسائٽين کي وڪرو ڪري ڏئي رھيو آھي. پير فرخ شاھ سرھندي جو الزام اسان ڪنھن جو بہ پاڻي بند ڪرڻ جي خلاف ناھيون سنڌ آباد جو پاڻي جلد بحال ٿيندو واٽر بورڊ انتظاميا سان رابطو ڪيو آهي. راشد خاصخيلي تفصيل موجب. جمالي پل لڳ 2010 آگسٽ مھيني ۾ قائم ٿيل سنڌ آباد ۾ رھندڙ ٻوڏ متاثرن کي ملندڙ پاڻي تازو آيل پيپلزپارٽي جي صفوران ٽائون چيئرمين راشد خاصخيلي پنھنجي عھدي جو ناجائز فائدو وٺندي بند ڪري ڇڏيو. متاثرن پاران پنھنجو پاڻي وٺڻ لاءِ سنڌ آباد جي چيئرمين پير فرخ شاھ سرھندي جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻھن سپر ھاءِ وي جمالي پل کان ريلي ڪڍي سڄي ٽائون جو سفر ڪري موسميات چورنگي وٽ پھتا جتي ڪامريڊ شبير راجپر جي نگراني ۾ ٽائون چيئرمين جي ڪو آرڊينيٽر بادشاهه چانڊيو ۽ ڪائونسلر پرويز راجپر سان ڪامياب ڳالھايون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو ويو. جنھن بعد سنڌ آباد جو چيئرمين پير فرخ شاھ سرھندي. ڪامريڊ شبير راجپر. ھارون جمالي وفد جي صورت ۾ ٽائون چيئرمين راشد خاصخيلي جي آفيس پھتا. جتي ٽائون چيئرمين راشد خاصخيلي وفد کي خاطري ڪرائيندي پاڻي جي اھم مسئلي کي حل ڪرائڻ جي يقين ڏياريو. دوستن کي غلط فھمي ھئي ته پاڻي جون لائينون اسان ڪٽرايون آھن پر اسين ڪنھن بہ ڳوٺ جو پاڻي ڪٽڻ جي حق ۾ ناھيون. سنڌ آباد ته اسان جي پنھنجي آبادي آھي پر اسين ڪنھن بہ مخالف جو پاڻي بند ڪرڻ جي حق ۾ ناھيون. ان موقعي تي پير فرخ شاھ سرھندي. ھارون جمالي چيو ته اسان دوستن جي موقف کي ڀليڪار ڪندي احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسان جي سنڌ آباد جو جائز مسئلو آهي جنھن کي ٽائون چيئرمين پاران حل ڪرائڻ جي يقين ڏياريو آهي. ڪامريڊ شبير راجپر چيو ته دوستن جا ٿورائتا آهيون جن اسان کي مان ڏيندي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اسان سنڌ آباد جي رهواسين کي ڪڏھن به اڪيلو ناھي ڇڏيو ھميشه پنھنجن جي وارثي ڪئي آهي انشاء الله اڳتي به دوستن سان گڏ ھونداسين.