ڪراچي جي جمالي پل ڀرسان قائم سنڌ آباد جي رھواسين جو پاڻي جي بندش خلاف احتجاج

ڪراچي جي جمالي پل ڀرسان قائم سنڌ آباد جي رھواسين جو پاڻي جي بندش خلاف احتجاج

ڪراچي جي جمالي  پل ڀرسان قائم سنڌ آباد جي رھواسين جو پاڻي جي بندش خلاف احتجاج

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي جي جمالي پل ڀرسان قائم سنڌ آباد جي رھواسين جو پاڻي جو مين ڪنيڪشن ڪٽي ڳوٺ جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف رھواسين جو صفوران ٽائون چيئرمين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين ۾ شامل معصوم ٻارڙن عورتن مردن پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا زور دار نعرہ لڳايا. پاڻي بحال نه ٿيو ته (اڄ) سومر ڏينھن جمالي پل کان صفوران ٽائون چيئرمين جي آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو اسان جي ڳوٺ ڏانھن ايندڙ پاڻي جو مين ڪنيڪشن ڀر واري سوسائٽيءَ کي لڳائي ڏنو ويو آهي. اسان جي ڳوٺ جو پاڻي بحال نه ٿيو ته اسين ڀرپور احتجاج ڪنداسين. پير فرخ شاھ سرھندي تفصيل موجب. ڪراچي. جمالي پل ڀرسان قائم سنڌ آباد سيلاب متاثرين جو صفوران ٽائون جي چيئرمين راشد خاصخيلي. نور احمد ميمڻ خلاف پير فرخ شاھ سرھندي جي اڳواڻي ۾ سنڌ آباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ ھيومن رائٽس جسٽس آرگنائيزيشن اڳواڻ ھارون جمالي. شهزاد مگسي. غلام رسول برفت. شمس الدين مگسي. لالو باگڙي شوڪت گلواڻي. گل گرناڻي. ماروي تماچي. مسمات سڪينه ۽ مسمات راڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مظاھرين پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا زور دار نعرہ لڳايا. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته 2010ع کان واٽر بورڊ جي آفيسرن سنڌ آباد جي ٻوڏ متاثرن کي پاڻي جو ڪنيڪشن لڳائي ڏنو ھيو. 20 ڏينهن اڳ صفوران ٽائون چيئرمين راشد خاصخيلي ۽ نور احمد ميمڻ اسان جي پاڻي جو ڪنيڪشن غير قانوني ڄاڻائي ڪٽرائي ڇڏيو آهي. جنهن سبب اسان جي ڳوٺن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. هن ڳوٺ جا رهواسي پاڻي جي ڍڪ لاءِ ترسي رهيا آهن. اسان جي ڳوٺ جو پاڻي ڪٽي ڳري رشوت عيوض برابر ۾ قائم سوسائٽي وارن کي لڳائي ڏنو ويو آھي. جيڪا سنڌ آباد جي عوام سان سراسر ناانصافي آهي. هنن چيو ته اسان هن جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم آهيون. اسان ڌرتي ڌڻي آھيون اسان کان جيئن جو حق کسيو پيو وڃي. اسان سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ بند ڪري فوري طور اسان جي پاڻي جو مسئلو حل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سڀاڻي سنڌ آباد جمالي پل کان احتجاجي ريلي ڪڍي صفوران ٽائون چيئرمين جي آفيس آڏو ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.