ٺٽي ۾ سيد قادر ڏنو شاھ شيرازي ۽ اعجاز علي شاھ شيرازي جي ورسي تي شاندار جلسو، مراد علي شاھ ۽ ٻين جي شرڪت

ٺٽي ۾ سيد قادر ڏنو شاھ شيرازي ۽ اعجاز علي شاھ شيرازي جي ورسي تي شاندار جلسو، مراد علي شاھ ۽ ٻين جي شرڪت

ٺٽي ۾ سيد قادر ڏنو شاھ شيرازي ۽ اعجاز علي شاھ شيرازي جي ورسي تي شاندار جلسو، مراد علي شاھ ۽ ٻين جي شرڪت

ٺٽو(ڊر) الحاج سيد قادر ڏنو شاھ شيرازي ۽ الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي سالياني ٽئين ورسي شيرازي ھائوس ٺٽي تي نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھائي ويئي، جنھن ۾ سيد شفقت حسين شاھ شيرازي، سيد اياز علي شاھ شيرازي، سيد رياض حسين شاھ شيرازي، سيد فياض حسين شاھ شيرازي، سيد امير حيدر شاھ شيرازي، پاڳارو سيد اسماعيل شاھ شيرازي، سيد گلبھار شاھ شيرازي، سيد سڪندر شاھ شيرازي، سيد شاھ حسين شاھ شيرازي، سيد امتياز شاھ شيرازي، سيد غلام حيدر شاھ شيرازي، سيد حاجي پاشا شاھ شيرازي، سيد تنوير حيدر شاھ شيرازي، سيد منظور شاھ شيرازي، سيد گل شاھ، سيد الھڏنو شاھ شيرازي سميت سمورن شيرازي ڀائرن سان گڏ اڳوڻي وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، سابقه ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندرعلي شورو ارباب لطف الله، سيد ذوالفقار شاھ، حاجي علي حسن زرداري، فدا حسين ڊکڻ، محمد علي ملڪاڻي، غلام قادر پليجو، عبدالحميد پنھور، پ پ پ ضلعي ٺٽي جو صدر صادق علي ميمڻ، امتياز قريشي، حاجي اشرف خشڪ، جھانگير پالاري، فتح محمد بھراڻي، محبوب بروھي، دائود امر، بشير جوکيو، بابو عبدالعزيز ميمڻ، روشن علي پاتڻي، غلام نبي ٻٻر، حاجي فاروق ارائين، حاجي عثمان ملڪاڻي، پير غلام رحماني شاھ جيلاني، حاجي گل محمد سمون، ادا محمد ميمڻ، وڏيرو محمد عرس گندرو، ڏاڏا سالار سميجو، اقبال خاصخيلي، ھاشم سولنگي، احمد خان پالاري، شبير سمون، محمد ايوب ملاح، شاھنواز بروھي، محمد خان ملاح، منصور قادر لاشاري، عبدالڪريم الھبخش ميراڻي، محمد عيدن ملاح، رئيس يوسف لاشاري، شڪيل احمد بروھي، بابو الھبخش بروھي سميت ھزارين ماڻھون شريڪ ھئا، جيڪي الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي وڇوڙي تي ڏکارا ھئا. ورسي تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪرڻ بعد قران خواني ڪرائي مرحومن جي مغفرت لاء خصوصي دعائون گھرڻ بعد مقررين الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي زندگي تي روشني وجھي کيس خراج عقيدت پيش ڪئي، ان موقعي تي الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي زندگي تي ٺاھيل 2 ڊاڪوميٽريون پڻ عوام اڏو پيش ڪيون ويون. ورسي تقريب کي خطاب ڪندي سيد شفقت حسين شاھ شاھ شيرازي، سيد اياز علي شاھ شيرازي ۽ سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو تہ اسان ٺٽو، سجاول، ٽنڊو محمد خان سميت سموري سنڌ جي ماڻھن جا ٿورائتا آھيون، جن الحاج سيد قادر ڏنو شاھ شيرازي ۽ الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪري مرحومن کي سندن ڪيل خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي آھي، ھنن چيو تہ الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي اسان کان ڪڏھن بہ وسري نٿو سگھي، سندس ڪمي ھر وقت محسوس ڪريون ٿا، پر ھر ڪنھن کي ھڪ ڏينھن ان طرف وڃڻو اھي، جتان ڪوبہ واپس نٿو موٽي، ھنن چيو تہ اسان عوام سان واعدو ٿا ڪريون تہ اسان ساڻن ھر وقت ڏک سک ۾ گڏ رھي سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪري عوام کي ان جي ڪمي محسوس ڪرڻ نہ ڏيندا، سندس عوامي ڪيل خدمتون ھميشہ ياد رھنديون. ورسي تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ چيو تن سيد اعجاز علي شاھ شيرازي درويش صفت انسان ھو، جنھن کي ھميشہ پنھنجي تڪ جي عوامي مسئلن جي حل جو فڪر ھوندو ھو، ھو جڏھن بہ ايندو ھو عوام جا کوڙ سارا مسئلا کڻي اچي ويھي حل ڪرائي ويندو ھو. جيڪو اسانکي ھميشہ ياد رھندو، سيد مراد علي شاھ چيو تہ شيرازي ڀائر بہ اسانجي پارٽي پ پ پ جو حصو اھن ۽ اسان سڀ گڏ آھيون، اسانجي پارٽي جو منشور بہ عوام جي خدمت ڪرڻ آھي، اسان سڀ گڏجي ھن واري بہ پوري سنڌ مان پ پ پ جي اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ڏيارينداسين. ورسي تقريب کي ارباب لطف اللہ، فداحسين ڊکڻ، ذوالفقار شاھ، فتح محمد بھراڻي، دائود امر، سيد غلام حيدر شاھ شيرازي، محبوب بروھي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. آخر ۾ ننگر نياز ڪري سڀني آيل ماڻھن کي خيرات جي ماني کارائيجڏھن تہ مولوي عبدالرحمن ٺٽوي پاران دعا خير گھري ورسي تقريب جي پڄاڻي ڪئي ويئي، جنھن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا ھئا. جتي سي سي ٽي وي ڪئميرائن ذريعي سموري ورسي تقريب جي نگراني ڪئي ويئي.