English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
انشاءَ الله ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي ۽ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو: ساجد جوکيو
247 views
|
27th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
انشاءَ الله ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي ۽ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو: ساجد جوکيو
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)اڳوڻي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هن ڀيري چونڊن لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، پ پ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي سڄي سنڌ ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي. انشاءَ الله ايندڙ حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي هوندي ۽ ملڪ جو وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهگهر ڦاٽڪ ۾ هڪ عظيم اليشان جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو جي آمد تي سوين ڪارڪنن ۽ عورتن مٿس گلن جي ورکا ڪئي ۽ کيس تحفا پيش ڪيا. ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو چيو ته سڄي ملڪ مان مختلف تنظيمن جا اڳواڻ، سياسي ۽ سماجي شخصيتون وڏي انگ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي رهيون آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جا دروازا عوام لاءِ هميشه کليل آهن، مان 20 سالن کان پارليامينٽ ۾ سياست ڪري رهيو آهيان. سياست ۾ منهنجي دور ۾ مون ڪيترائي اهڙا ماڻهو ڏٺا آهن جيڪي ناراضگي سبب پارٽيون مٽائي ڇڏيندا آهن پر اوهان کي ٻڌايان ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کان سواءِ ٻي ڪا به پارٽي ناهي اچو ته عوام کي حقيقي بنيادن تي ڪم ڪرڻ ڏيو پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ملير جي عوام لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ عوام کي سموريون بنيادي سهولتون سندن دروازي تي پهچايون آهن، ايندڙ چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سڄي ملڪ مان ڪلين سوئيپ ڪندي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو ۽ پاڪستان جي روشن مستقبل جو نئون سفر شروع ٿيندو. ريلي ۾ پيپلزپارٽي پي ايس 87 ملير جو صدر امداد جوکيو، يوسي گهگهر چيئرمين اڪبر ڪلمتي، وائيس چيئرمين ستار خليفو، يو سي پپري چيئرمين ڊاڪٽر عظمت لنڊ، پارٽي اڳواڻن شبير گبول، وحيد ڪلمتي، ولي ڪلمتي، واجد گبول، غلام رسول ڪلمتي، جاويد مزاري، رجب زهراڻي، صلاح الدين گبول، يونس عمراڻي، نور محمد قيصراڻي، پي ايس ايف ملير جي ڊپٽي انفارميشن مير شهزاد گبول ۽ سوين ڪارڪنن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي کان پوءِ اڳوڻي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو پڻ گھگھر چوڪ تي جهنڊو ڦڙڪايو، ٻئي طرف اڳوڻي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو يوسي پپري ۾ شموليت واري پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ هن پ پ ۾ شامل ٿيندڙ مختلف پارٽين جي اڳواڻن جو استقبال ڪيو. .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ
محمد علي خاصخيلي
صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو
پاڪستان پيپلز پارٽي
آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري
0 تبصرے