English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
انشاءَ الله ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي ۽ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو: ساجد جوکيو
views
|
27th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
انشاءَ الله ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي ۽ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو: ساجد جوکيو
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)اڳوڻي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هن ڀيري چونڊن لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، پ پ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي سڄي سنڌ ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي. انشاءَ الله ايندڙ حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي هوندي ۽ ملڪ جو وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهگهر ڦاٽڪ ۾ هڪ عظيم اليشان جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو جي آمد تي سوين ڪارڪنن ۽ عورتن مٿس گلن جي ورکا ڪئي ۽ کيس تحفا پيش ڪيا. ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو چيو ته سڄي ملڪ مان مختلف تنظيمن جا اڳواڻ، سياسي ۽ سماجي شخصيتون وڏي انگ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي رهيون آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جا دروازا عوام لاءِ هميشه کليل آهن، مان 20 سالن کان پارليامينٽ ۾ سياست ڪري رهيو آهيان. سياست ۾ منهنجي دور ۾ مون ڪيترائي اهڙا ماڻهو ڏٺا آهن جيڪي ناراضگي سبب پارٽيون مٽائي ڇڏيندا آهن پر اوهان کي ٻڌايان ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کان سواءِ ٻي ڪا به پارٽي ناهي اچو ته عوام کي حقيقي بنيادن تي ڪم ڪرڻ ڏيو پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ملير جي عوام لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ عوام کي سموريون بنيادي سهولتون سندن دروازي تي پهچايون آهن، ايندڙ چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سڄي ملڪ مان ڪلين سوئيپ ڪندي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو ۽ پاڪستان جي روشن مستقبل جو نئون سفر شروع ٿيندو. ريلي ۾ پيپلزپارٽي پي ايس 87 ملير جو صدر امداد جوکيو، يوسي گهگهر چيئرمين اڪبر ڪلمتي، وائيس چيئرمين ستار خليفو، يو سي پپري چيئرمين ڊاڪٽر عظمت لنڊ، پارٽي اڳواڻن شبير گبول، وحيد ڪلمتي، ولي ڪلمتي، واجد گبول، غلام رسول ڪلمتي، جاويد مزاري، رجب زهراڻي، صلاح الدين گبول، يونس عمراڻي، نور محمد قيصراڻي، پي ايس ايف ملير جي ڊپٽي انفارميشن مير شهزاد گبول ۽ سوين ڪارڪنن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي کان پوءِ اڳوڻي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو پڻ گھگھر چوڪ تي جهنڊو ڦڙڪايو، ٻئي طرف اڳوڻي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو يوسي پپري ۾ شموليت واري پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ هن پ پ ۾ شامل ٿيندڙ مختلف پارٽين جي اڳواڻن جو استقبال ڪيو. .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
14th Aug 2025
•
دنیا
تارکین وطن کی کشتی کو حادثہ، 26 افراد ہلاک
14th Aug 2025
•
پاکستان
بلوچ پشتون اکابرین نے ذاتی وگروہی مفادات کیلئے نہیں، قوموں کے ناموس کیلئے قربانیاں دیں، لشکری رئیسانی، اصغر اچکزئی
14th Aug 2025
•
سندھ
خیرپور: اسکولوں اور کالجوں میں طویل غیراعلانیہ لوڈشیڈنگ کیخلاف ہزاروں طلبہ کا احتجاج
14th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ سول اسپتال پاران جشن آزادي جي تقريب
14th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ ميونسپل ڪاميٽي پاران جشن آزادي جون تقريبون منعقد، قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو
14th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي سينيئر سياستدان سيد غلام رسول شاھ 78 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
14th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ 78هين جشن آزادي معرقه حق جو ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گڏاپ
محمد علي خاصخيلي
صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو
پاڪستان پيپلز پارٽي
آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري
0 تبصرے