56سال گذرڻ باوجود پيپلز پارٽي جي مقبوليت ۾ گھٽتائي ناهي آئي: مجبوب عباسي

56سال گذرڻ باوجود پيپلز پارٽي جي مقبوليت ۾ گھٽتائي ناهي آئي: مجبوب عباسي

56سال گذرڻ باوجود پيپلز پارٽي جي مقبوليت ۾ گھٽتائي ناهي آئي: مجبوب عباسي

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ جو عوام اڄ به پ پ کي چاهي ٿو اهيو ئي سبب آھي جو 56 سال گذرڻ باوجود پيپلز پارٽي جي مقبوليت ۾ ڪمي ناهي ٿي, اهڙو اظهار پ پ ڪراچي جي اڳواڻ محبوب عباسي کي مبارڪباد ڏيڻ لاء ايندڙ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي وفد ۽ علي بخش چنا پاران ڏنل آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي آمر جنرل ضياء ذوالفقار علي ڀٽو کي بي گناھ سوليء چاڙھيو ۽ جسماني طور ذوالفقار علي ڀٽو کي عوام کان پري ڪيو پر روحاني طور تي عوام جي دلين مان نه ڪڍي سگهيو, پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي وفد پاران پ پ اڳواڻ محبوب عباسيء کي پارٽي مفادن خاطر ۽ علائقي جي ڀلائي لاء پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين پڻ ڏياريون. هوڏانهن علي بخش چنا پاران ڏنل آجياڻي جي موقعي تي پ پ اڳواڻ حنيف سومرو, پٺاڻ خان ٻرڙو, عبدالقادر سومرو,شفيع محمد ناگراج راجه سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا انهن سڀني پڻ محبوب عباسي پنهنجي ڀرپور حمايت جو يقين ڏيارڻ سان گڏوگڏ کيس اجرڪ ۽ گلن جا هار پڻ پارايا.