English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڀاڻ ۽ پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري زراعت کي ھٿرادو نموني تباھ ڪيو پيو وڃي: اياز لطيف پليجو
99 views
|
24th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ڀاڻ ۽ پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري زراعت کي ھٿرادو نموني تباھ ڪيو پيو وڃي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ڪڻڪ جي پوکائي دوران ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندڙ مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. زراعت کي ھٿرادو نموني تباھ ڪيو پيو وڃي. فصلن سٺا ٿين ٿا تہ اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. پاڻي جي ھٿرادو کوٽ جي ڪري آباد زمينون ڀڙڀانگ ٿي ويون آھن، نقلي زرعي دوائن، نقلي ٻج ۽ ڀاڻ ۽ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ جي ڪري آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جي معاشي بدحالي جي ڪري بيروزگاري وڌي آھي. بدامني ۽ منشيات وڌي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ زراعت جي بحالي سان سنڌ خوشحال ٿيندي.الميو آھي جو حڪومت جي ايجنڊا تي سنڌ جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي ناھي. سنڌو درياھ ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رھي آھي. ڏيڍ سئو سالن کان سنڌو درياھ جي پاڻي تي ڌاڙا لڳي رھيا آھن. ارسا سنڌ جي پاڻي ۾ سھولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. وفاق ۾ ويٺل حڪمرانن کي سنڌ نظر نٿي اچي. جنھنڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. جيڪو پاڻي ملي ٿو ان تي پ پ حڪمرانن جو قبضو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي زرعي معيشت جي بحالي لاءِ ھٿرادو ڀاڻ ۽ پاڻي جو کوٽ ختم ڪئي وڃي. نقلي زرعي دوائن ۽ نقلي ٻج جي ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث مافيا خلاف ڪارروائي ڪري کين سزائون ڏنيون وڃن. ۽ متاثر آبادگارن ۽ ھارين کي نقصان جو معاوضو ڏنو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
02nd Apr 2026
•
شوبز
فلم کی شوٹنگ کے دوران بعض رومانوی اور بولڈ مناظر فلمانا جسمانی اور ذہنی طور پر مشکل تھا۔ ہالی ووڈ کی معروف اداکارہ
02nd Apr 2026
•
شوبز
عریاں اور رومانوی مناظر کی شوٹنگ مشکل تھی، اداکارہ ايملی کا اعتراف
02nd Apr 2026
•
شوبز
ہالی ووڈ اداکارہ کو سیکسی سین کی شوٹنگ کے دوران مشکلات کا سامنا
02nd Apr 2026
•
شوبز
ماضی میں فلموں میں بولڈ کردار ادا کرنا آسان فیصلہ نہیں ہوتا تھا۔ہالی ووڈ کی معروف اداکارہ
02nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو: صحافي شان ڏهر جي قتل ڪيس جو جوابدار 12 سالن بعد گرفتار
02nd Apr 2026
•
شوبز
فلم کی شوٹنگ کے دوران بعض رومانوی اور بولڈ مناظر فلمانا جسمانی اور ذہنی طور پر مشکل تھا۔ ہالی ووڈ کی معروف اداکارہ
02nd Apr 2026
•
شوبز
عریاں اور رومانوی مناظر کی شوٹنگ مشکل تھی، اداکارہ ايملی کا اعتراف
02nd Apr 2026
•
شوبز
ہالی ووڈ اداکارہ کو سیکسی سین کی شوٹنگ کے دوران مشکلات کا سامنا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
ھ اياز لطيف پليجي
0 تبصرے