English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڀاڻ ۽ پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري زراعت کي ھٿرادو نموني تباھ ڪيو پيو وڃي: اياز لطيف پليجو
19 views
|
24th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ڀاڻ ۽ پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري زراعت کي ھٿرادو نموني تباھ ڪيو پيو وڃي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ڪڻڪ جي پوکائي دوران ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندڙ مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. زراعت کي ھٿرادو نموني تباھ ڪيو پيو وڃي. فصلن سٺا ٿين ٿا تہ اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. پاڻي جي ھٿرادو کوٽ جي ڪري آباد زمينون ڀڙڀانگ ٿي ويون آھن، نقلي زرعي دوائن، نقلي ٻج ۽ ڀاڻ ۽ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ جي ڪري آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جي معاشي بدحالي جي ڪري بيروزگاري وڌي آھي. بدامني ۽ منشيات وڌي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ زراعت جي بحالي سان سنڌ خوشحال ٿيندي.الميو آھي جو حڪومت جي ايجنڊا تي سنڌ جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي ناھي. سنڌو درياھ ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رھي آھي. ڏيڍ سئو سالن کان سنڌو درياھ جي پاڻي تي ڌاڙا لڳي رھيا آھن. ارسا سنڌ جي پاڻي ۾ سھولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. وفاق ۾ ويٺل حڪمرانن کي سنڌ نظر نٿي اچي. جنھنڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. جيڪو پاڻي ملي ٿو ان تي پ پ حڪمرانن جو قبضو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي زرعي معيشت جي بحالي لاءِ ھٿرادو ڀاڻ ۽ پاڻي جو کوٽ ختم ڪئي وڃي. نقلي زرعي دوائن ۽ نقلي ٻج جي ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث مافيا خلاف ڪارروائي ڪري کين سزائون ڏنيون وڃن. ۽ متاثر آبادگارن ۽ ھارين کي نقصان جو معاوضو ڏنو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Dec 2025
•
تازہ ترین
فیصل آباد: ماموں کانجن میں ظالم بیوی نے ڈانٹ ڈپٹ کا بدلہ لینے کے لئے خاوند کی زبان کاٹ ڈالی
03rd Dec 2025
•
دنیا
آئس لینڈ دنیا کے سب سے محفوظ ممالک میں شامل، محفوظ ترین ممالک کی فہرست جاری
03rd Dec 2025
•
دنیا
بھارت میں لرزا خیز سانحہ: عورت نے حسد میں آکر اپنے ہی بیٹے سمیت 4 بچوں کی جان لے لی
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے ممبرز کے639 پلاٹس کا حصول بڑی کامیابی ہے،سہیل افضل خان
03rd Dec 2025
•
تازہ ترین
فیصل آباد: ماموں کانجن میں ظالم بیوی نے ڈانٹ ڈپٹ کا بدلہ لینے کے لئے خاوند کی زبان کاٹ ڈالی
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سڄي سنڌ جيان ملير به ثقافتي رنگ سان رڱجي ويو
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ميمڻ گوٺ ۾ مائي نياڻي درگاهه ڀرسان ندي مان اڻڄاتل شخص جي لاش هٿ
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪورٽ ۾ حادثو، مزدور ٽئين ماڙ تان هيٺ ڪري فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
ھ اياز لطيف پليجي
0 تبصرے