هينڊز جي سماجي خدمتن جو 42 هون سفر عوام جي خدمت ڪندي گذريو: اياز لطيف پليجو

هينڊز جي سماجي خدمتن جو 42 هون سفر عوام جي خدمت ڪندي گذريو: اياز لطيف پليجو

هينڊز جي سماجي خدمتن جو 42 هون سفر عوام جي خدمت ڪندي گذريو: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو) سماجي تنظيم هينڊز پاران مقامي هوٽل ۾ پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ ماهر اڳواڻن کي مڃتا طور ساليانو ايوارڊ ڏيڻ لاٰءِ تقريب منعقد ڪئي وئي. ايوارڊ واري تقريب ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو خطاب ڪندي چيو تہ جنهن شخص جي مدد ڪير نہ ڪري تہ ان وقت ۾ ڪو ادارو يا ڪو شخص مدد ڪري تہ اها ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي. هينڊز جي سماجي خدمتن جو 42 هون سفر عوام جي خدمت ڪندي گذريو آهي، هنن کي جس ڏيان ٿو، هن اياز لطيف پليجي چيو تہ مون گذريل ٻوڏ دوران متاثر ماڻهن ۾ سامان ورهايو، اتي سوچيو تہ ٻن مهينن کانپوءِ ماڻهن جو ڇا ٿيندو، سرڪار ملندڙ بجيٽ مان 70 سيڪڙو هڙپ ڪري وڃي ٿي، ماڻهن کي پنڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. هتي سرڪار حڪومت ماڻهن کي پنڻ تي مجبور ڪيو آهي. ڪامورا چاهين ٿا تہ هٿي آفتون ۽ بيماريون اچن ۽ اسان عالمي دنيا کان فنڊز وٺي موجون ڪن.. حڪومت ويڪسين ماسڪ ۽ سينيٽائر لاءِ امداد گهرندي رهي. سماجي تنظيم هينڊز تمام بهترين ڪم ڪيو آهي، جنهن کي ساراهيان ٿو، اهو ڪم واش ڪمپونيٽ جو حصو آهي، جنهن ۾ ماڻهو کي هٿ صاف ڪرڻ جو طريقيڪار ٻڌايو وڃي ٿو، پاڻي اٻاري پيئڻ ۽ صحت جي حوالي ڄاڻ ڏني وئي آهي. پاڪستان ۾ گذر معاش تي ڪم نہ ٿيو آهي. سنڌ ۾ 95 سيڪڙو بجيٽ کي هڙپ ڪيو ويندو آهي. هتي اين جي اوز جو رول نہ هجڻ گهرجي، سرڪار جو آهي فرض آهي تہ ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري. 7 ڪروڙ عوام کي اين جي اوز اجهو ڪئين ڏئي. ان باوجود هينڊز تنظيم 20 هزار ماڻهن کي گهر تعمير ڪري ڏنا آهن. بسپ تحت ماڻهن کي پنڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي،ڪنهن قومي ڪاز يا جلسي ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏيون ٿا تہ اهي چون ٿا تہ اسان جون عورتون گهرن مان ٻاهر نٿيون نڪرن،بسپ تحت ملندڙ پئسن لاءِ لٺيون کائن ٿيون،. اسان هڪ اهڙي سنڌ ڏسڻ چاهيون ٿا جتي ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيٺل هجي. هن اياز لطيف پليجي چيو تہ عوام پوليس کي مددگار طور ڏسڻ چاهين ٿا پر هتي پوليس عوام جي پاسي نہ هوندي آهي. هن وقت پاڪستان جا حڪمران، پارليامينٽ ۽ اسٽبليشمنيٽ مجبور ٿي چڪي آهي تہ ملڪ کي سيڪيولر ۽ جمهوري ٿيڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ لاهور ۽ اسلام آباد ۾ غرقانوني ماڻهن خلاف آپريشن هلي رهيو آهي،. جڏهن تہ سنڌ ۾ خاموشي آهي. حڪمران زمينون وڪڻڻ ۾ ماهر آهن. 100 سو ايڪڙ زمين جا مالڪ اتي چوڪيداري ڪرڻ تي مجبور آهن.ڪراچي هينڊز جي اڳواڻ انيس دانش چيو تہ هينڊز جي جنم ڀومي پاڪستان آهي. هينڊز پوري ملڪ ۾ سرگرم آهي. اجتمائي ڪم کانسواءِ اسان ڀلائي جو ڪم نٿا ڪري سگهون، اهيا هينڊز نہ پر سماج جي ڪاميابي آهي. هينڊز حيدرآباد جي انچارج عبدالرزاق عمراڻي چيو تہ اسان حيدرآباد ويجهو کٿڙ ۾ 2010 واري ٻوڏ دوران 118 ڏينهن تائين پروجيڪٽ کان هٽي ڪري پنهنجي مدد تحت مدد ڪئي. ڪرونا ۾ ڪير به ڪنهن سان ملڻ لاٰ تيار نہ هو، اسان هزارن ماڻهن جي مدد ڪئي. هينڊز 20 هزار ماڻهن مان 13 هزار ماڻهن کي گهر فراهم ڪيا آهن. 7 هزار ماڻهن کي رقم ملي چڪي آهي. اسان بانڊيڊ ليبر ۽ معذور ماڻهن لاءِ گهر تعمير ڪرايا آهن. سنڌ ڪميوٽي فائونڊيشن جي سي او جاويد سوز هلائي چيو تہ هينڊز ڪراچي ۾ ٺهي ۽ هالا ۾ وڌيڪ ڪم ڪيو. جتي بحالي لاٰ وڌيڪ ڪم ڪرڻ گهرجي، پروفيسر اسماعيل ڪنڀر چيو ته هينڊز تنظيم سٺو ڪم ڪيو آهي، هينڊز نابين ۽ معذور ماڻهن کي گهر تعمير ڪرائي ڏنا آهن، جنهن ۾ سٺي ڳالھ اها لڳي تہ انهن ماڻهن جي آساني لاءِ اهي رستا ٺاهيا آهن، ماڻهو اتي ڪيئن پهچن. ان موقعي تي سافڪو جي اڳواڻ سليمان جي ابڙو، ڊاڪٽر شاهنواز دل، نظير قريشي، صبين جاويد، عباس کوسو ۽ ٻين خطاب ڪيو. تقريب جي موقعي تي حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون، سينيئر صحافي خالد کوکر، عباس کوسو هينڊز طرفان وسيم مغيري کي بهترين تعليمي خدمتن جو ايوارڊ، ساجده ڀنڀرو، سميرا ڏاهري، خورشيد عالم، فزيو ٿراپسٽ سنجنا ڪماري، محراب چاچڙ، محمد قائم، علي نواز، غفار عمراڻي، لال بلوچ،ممتاز منگي ۽ ٻين کي مختلف سماجي خدمتن عيوض ايوارڊ ڏنا ويا.