ڏھرڪي ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو، گھوٽڪي جي عدالت ۾ پٽيشن داخل

ڏھرڪي ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو، گھوٽڪي جي عدالت ۾ پٽيشن داخل

ڏھرڪي ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو، گھوٽڪي جي عدالت ۾ پٽيشن داخل

ڏھرڪي (رپورٽر) ڏهرڪي جي ڀاڻ ڊيلرن پاران آبادگارن کي يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ خلاف ڏهرڪي بار جي وڪيلن بشير احمد ميراڻي، مھتاب چاچڙ،جاويد اختر سومرو، نظير احمد پهنور، سيد منير احمد شاه ۽ ٻين پاران سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي جنهن بعد سيشنس جج گهوٽڪي جي عدالت وڪيلن پاران داخل ڪرايل پٽيشن کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏيندي اسٽنٽ ڪمشنر امتياز محسن ۽ ڀاڻ ڊيلرن کي 25 نومبر تي عدالت طلب ڪري ورتو آهي ان سلسلي ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندڙ وڪيلن بشير احمد ميراڻي۔سيد منير احمد شاه۔جاويد اختر سومرو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته ڀاڻ جي ڊيلر ڪڻڪ جي پوکي جي سيزن ايندي شرط اسٽنٽ ڪمشنر ۽ زارعت کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪندي يوريا ڀاڻ گودامن ۽ دوڪانن تان هٿرادو گم ڪندي آبادگارن کي يوريا ڀاڻ سرڪاري ريٽ تي ڏيڻ بدران بليڪ تي وڪرو ڪري بنا ڪنهن خوف جي روزانو لکين روپين جي ڪرپشن ڪري رهيا آهن انهن چيو ته ڀاڻ ڊيلرن جي آبادگارن سان اهڙي ناانصافي خلاف اسان ڊي سي گهوٽڪي توڙي اسٽنٽ ڪمشنر ڏهرڪي سان رابطي ڪرڻ توڙي روبرو ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر زميوار آفيسرن اسان سان ملڻ گورا نه ڪيو جنهن بعد اسان آبادگارن سان انصاف لاء سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ اسٽنٽ ڪمشنر ڏهرڪي ۽ لاڳاپيل ڀاڻ ڊيلرن خلاف پٽيشن داخل ڪرائي آهن جنهن بعد اسان پاران داخل ڪرايل پٽيشن کي سيشن جج عبدالقدس ميمڻ جي عدالت پاران ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي اسٽنٽ ڪمشنر ۽ لاڳاپيل ڀاڻ ڊيلرن کي 25 نومبر تي عدالت طلب ڪيو آهي انهن چيو ته اسان کي سيشن جج جي عدالت مان انصاف ملڻ جي اميد آهي جنهن لاء آبادگارن کي اپيل ڪيون ٿا ته هو 25 نومبر تائين ڀاڻ بليڪ تي خريد ڪرڻ کان پاسو ڪن