شڪارپور جي مدرسه زين العلوم قادريه دادوائي ۾ محفل ايصال ثواب منعقد

جي يو پي بلوچستان جي اڳواڻ علامه مولانا محمد عباس قادري کي ايصال ثواب پھچائڻ لاءِ محفل منعقد ڪئي وئي

شڪارپور جي مدرسه زين العلوم قادريه دادوائي ۾ محفل ايصال ثواب منعقد

شڪارپور ( احسان ابڙو ) جمعيت علماء پاڪستان صوبه سنڌ جي رهنما محمد مستقيم نوراني جمعيت علماء پاڪستان صوبه بلوچستان جي رهنما حضرت علامه مولانا محمد عباس قادري جي ايصال ثواب جي لاء مدرسه زين العلوم قادريه دادوائي روڊ شڪارپور ۾ محفل ايصال ثواب منعقد ڪئي ڪئي وئي جنهن ۾ حضرت علامه مولانا حافظ مفتي عبدالقدير قادري سڪندري صاحب حضرت علامه مولانا محمد راشد قادري مولانا خالد حسين حسيني مولانا حافظ محمد طاهر قادري ۽ ٻين ذميدار دوستن شرڪت ڪئي ان موقعي تي جمعيت علماءپاڪستان ضلع شڪارپور جي جنرل سڪيرٽري مولانا مسعود احمد قادري خطاب ڪندي چيو ته محمد مستقيم نوراني ۽ مولانا محمد عباس قادري پنهنجي پوري زندگي نظام مصطفيٰ جي نفاذ جي لاء وقف ڪري ڇڏي هيائون ۽ انهن هميشه ملڪ پاڪستان ۾ نظام مصطفيٰ جي لاء ڪوششون ڪيون سندن جي وفات تي وڏو خال پيدا ٿيو آھي وڌيڪ مولانا مسعود احمد قادري خطاب ڪندي چيو ته محمد مستقيم نوراني ۽ مولانا محمد عباس قادري قائد ملت اسلاميه علامه شاھ احمد نوراني صديقي جا سچا ۽ مخلص سپاهي هئا الله ڪريم مرحومين جا درجات بلند فرمائي ۽ اسان کي نظام مصطفيٰ جي نفاذ جي لاء ڪوشش جي مزيد توفيق ۽ همت عطا فرمائي