ڪنڊيارو ۾ جماعت اصلاح المسلمين جو مجلس عامله جو ساليانو اجلاس

ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ کان بهتر آهي ته ڏيڻ وارو هٿ هجي: خواجه محبوب سڄڻ سائين

ڪنڊيارو ۾ جماعت اصلاح المسلمين جو مجلس عامله جو ساليانو اجلاس

نوشھروفيروز(ڊ ر) ڪنڊيارو جماعت اصلاح المسلمين پاڪستان صوبه سنڌ جو مجلس عامله جو ساليانو اجلاس ڪنڊيارو ارسلان هال ۾ ٿي گذريو جماعت اصلاح المسلمين پاڪستان جي سرپرست اعليٰ حضرت خواجه محبوب سڄڻ سائين چيو آهي ته انسانيت جي خدمت ئي اصل عبادت آهي، ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ کان بهتر آهي ته ڏيڻ وارو هٿ هجي، جڏهن اوهان ٻين ضرورتمندن جي مدد ڪندا ته الله تعالى اوهان جي مدد ڪندو، هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ سٺو عمل آهي، اهڙو اظهار هن ڪنڊيارو ۾ جماعت اصلاح المسلمين پاڪستان صوبه سنڌ جي 36 ضلعن جي مجلس عامله جي پروگرام ۾ خاص خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته ڪاروبار ڪيو، جيڪو سنت نبوي آهي، جنهن ۾ برڪت آهي، ان کان اڳ جماعت جي مرڪزي صدر صاحبزاده سائين جعفر صادق طاهر، صوبائي صدر قاضي مشهود احمد قريشي، جنرل سيڪريٽري مخدوم محمد اعظم، ڊاڪٽر سعيد احمد اعواڻ، طارق منگي، شهزاده وقاص مشتاق سومرو، طاهري عبدالله کوکر ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏهن ته مولوي اسرار احمد، مولوي غلام مجتبى راهوجو، ڊاڪٽر عبدالسلام، ڊاڪٽر سعيد احمد اعواڻ صحت جا اصول، سوشل ميڊيا جو ڪردار ۽ تنظيمي افاديت جي موضوعن تي ليڪچر ڏنا، مجلس عامله جي پروگرام سنڌ ۽ بلوچستان جي 36 ضلعن جي عهديدارن شرڪت ڪئي، تنظيمي رپورٽون پيش ڪيون، ان موقعي تي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪاردڪرگي جو مظاهرو ڪرڻ تي مختلف ضلعن جي عهديدارن کي شيلڊون، انعام ڏنا ويا.