افغانين کي نيڪالي ڏيڻ سان سنڌ ۽ ملڪ امن ٿيندو. محبوب عباسي

پ پ عوام جي خوشحالي ۽ ترقي لاء هميشه ڪوشش ڪندي رهي آھي. الياس گبول

افغانين کي نيڪالي ڏيڻ سان سنڌ ۽ ملڪ امن ٿيندو. محبوب عباسي

گڏاپ (رپورٽر) افغانين کي نيڪالي ڏيڻ سان سنڌ ۽ ملڪ امن ٿيندو. افغانين ۽ ٻين غير ملڪين پاڪستان جي نوجوان نسل کي منشيات ۽ ٻين سماجي براين ڏانهن ڌڪي انهن جو مستقبل تباھ ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ امن امان جو مسئلو به پيدا ڪيو آھي. اهڙو اظھار ڪراچي سوشل فورم جي ۽ ايڪتا ميڊيا گروپ جي سرواڻ محبوب عباسيء پ پ جي سينئر اڳواڻ الياس گبول سان سندس ڀيڻ جي وفات تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته نيمڪ حرام افغانين پاڪستان جي قومي پرچم جي تذليل ۽ پوليس ۽ ٻين ادارن جي اهلڪارن مٿان فائرنگ به ڪندا رهيا آھن اهڙن ملڪ ۽ عوام دشمنن کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ تمام ضروري آھي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ الياس گبول چيو ته پ پ عوام جي خوشحالي ۽ ترقي لاء هميشه ڪوشش ڪندي رهي آھي. هن چيو ته ملڪي قيادت پاران افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ واري فيصلي جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا. ان موقعي تي حاجي محمد بخش گبول, منصور عباسي, قمرنواب ڪانڌڙو, وسيم خان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.