ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي سنڌ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي، شهيدن جي رت سان تاريخ انصاف ڪندي: صنعان قريشي

جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي شھيد مالڪ خشڪ جي آخري آرامگاھ تي حاضري

ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي سنڌ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي، شهيدن جي رت سان تاريخ انصاف ڪندي: صنعان قريشي

ٺٽو( شفيق ڀٽي) ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي سلامي لاءِ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي شهيد مالڪ خشڪ جي مزار تي پهچي ويو. ٺٽو- جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيد مالڪ خشڪ جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلامي پيش ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي سنڌ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي، شهيدن جي رت سان تاريخ انصاف ڪندي، سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد جي واٽ تي پرامن جدوجہد ڪندڙ سنڌ يونيورسٽي جساف جي شاگردن مٿان گوليون هلائي کين شهيد ڪيو ويندو هو، اڄ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري کين قومي سلام پيش ڪرڻ آيا آهيون، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو سنڌ ۾ موجود افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين کي پنهنجي ڏيھ موڪلي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي، جڏهن ته سنڌ مان ڌارين جي واپسي لاءِ جسقم سکر کان جدوجهد جي شروعات ڪئي هُئي، جيڪا نوابشاھ، دادو، گهوٽڪي ،ڪنڌ ڪوٽ، سانگهڙ ۾ تاريخي ريلن کان پوءِ حيدرآباد ۾ تاريخي ڪڍي اها گُھر ڪئي آهي ته سنڌ ۾ موجود افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين کي پنهنجي ڏيھ موڪليو، سنڌ مان بک ،بدحالي ،بيروزگاري مهانگائي ختم ڪري سنڌ جا وسيلا سنڌ تي خرچ ڪيا وڃن، هن چيو ته سنڌ مان لاقانونيت، بدامني ،دهشتگردي ،ڌاڙيل راڄ جو خاتمو آڻي سنڌ ۾ امن، انصاف، قانون قائم ڪيو وڃي. ان موقعي تي جسقم وائيس چيئرمين ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ،جساف مرڪزي چيف آرگنائيزر اشرف ڪلھوڙو، غلام نبي کٽي، سڪندر ميراڻي، پير گلزار شاه محمد علي شيخ نظام جوکيو بابو خشڪ ڊاڪٽر ڪريم سراج خشڪ سيف علي خشڪ آصف عباسي سميت ڪيترائي جسقم ۽ جساف جا ڪارڪن موجود هئا.