English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سانگهڙ ۾ قدرتي آفتن جي عالمي ڏهاڙي تي آگاھي سيمينار منعقد
227 views
|
13th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
سيمينار ۾ سرڪاري کاتن جي عملدارن، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي
سانگهڙ(رپورٽر) قدرتي آفتن جو عالمي ڏهاڙو سانگهڙ ۾ غير سرڪاري تنظيم اين ڊي ايف طرفان پاٿفائينڊر انٽرنيشنل جي in سهڪار سان هڪ مقامي هوٽل ۾ ملهايو ويو جنهن ۾ سرڪاري کاتن جي عملدارن، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ ماحولياتي تبديلين سبب ايندڙ قدرتي آفتن جا نقصان گهٽائڻ لاءِ جامع پاليسي ترتيب ڏيڻ ۽ عوام ۾ ماحولياتي گدلاڻ بابت آگاهي ڏيڻ تي زور ڀريندي مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ختم ٿيندڙ ٻيلن کي بحال ڪرڻ سميت وڻڪاري تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو وڃي. قدرتي آفتن جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي نامور ليکڪ ۽ پروفيسر نواز ڪنڀر، ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ سانگهڙ جي فوڪل پرسن صابر حسين مهر، نويد خيال، نور منگي، عظيم رونجهو، طارق حسين چنڙ، سڪندر علي، ڊاڪٽر امجد۽ ساجدہ چيو ته گڏيل قومن طرفان 1989 ۾ قدرتي آفتن جو عالمي ڏهاڙو هر سال 13 آڪٽوبر تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو ته جئين عوام ۾ قدرتي آفتن ۽ ماحولياتي تبديلين بابت آگاهي ڏئي سگهجي جڏهن ته ماحولياتي گدلاڻ سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ پاڪستان 5 نمبر تي آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ 2010، 2011 ۽ 2022 جي ٻوڏ وڏي تباهي آندي جنهن سبب سڄي صوبي جي عوام کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي هنن چيو ته بهتر انتظام نه هجڻ سبب قدرتي آفتن وڏي تباهي آندي. ادارن جي گنجائش وڌائڻ، ماحولياتي تبديلين بابت پاليسي نئي سر ترتيب ڏيڻ، پاڻي جي قدرتي وهڪرن جي بحالي سميت فنڊنگ جي مناسب استعمال سان اسان قدرتي آفتن جي نقصانن کي گهٽائي سگهون ٿا. هنن چيو ته قدرتي آفتن سبب عورتون، ٻار، معذور ۽ پيرسن ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿين ٿا جن جي وقتائتي سهائتا ڪرڻ لازمي آهي. هنن چيو ته سانگهڙ شهر سم نالن سبب هر ٻوڏ ۾ متاثر ٿئي ٿو تنهن ڪري سم نالن جي صفائي ۽ مرمت انتهائي لازمي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سانگهڙ
قدرتي آفتن
غير سرڪاري
اين ڊي ايف
NDF
0 تبصرے