گذريل ٻوڏ کانپوءِ چوٿون ڀيرو سنڌ اچڻ جو موقعو مليو، لکين ماڻھن کي سھائتا جي ضرورت آھي: آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم

ٻوڏ 30هزار کان وڌيڪ اسڪولن، 2صحت مرڪزن کي نقصان پھچايو: آمريڪي سفير

گذريل ٻوڏ کانپوءِ چوٿون ڀيرو سنڌ اچڻ جو موقعو مليو، لکين ماڻھن کي سھائتا جي ضرورت آھي: آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم

سکر: سکر ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم تقريب ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي خاطب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي سندس چوڻ ھو تھ مونکي گذريل سال جي تباهي مچائيندڙ ٻوڏ کانپوءِ چوٿون ڀيرو سنڌ جو دورو ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. مون ڏٺو ته لکين پاڪستانين کي اڃا به ترت سهائتا جي ضرورت آهي.

ٻوڏ 30 هزار کان وڌيڪ اسڪولن، صحت جي سهولتن جي 2 هزار مرڪزن ۽ پاڻي جي نظام سان جُڙيل 4 هزار 300 ڍانچن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي.

پيئڻ جي صاف پاڻي تائين پهچ اڃا به ڳڻتي جوڳي حد تائين گهٽ آهي.15 لک کان وڌيڪ ٻارن کي زندگي بچائيندڙ خوراڪ سان سلھاڙيل خدمتن جي ضرورت آهي.

مان پنهنجي سموري سفر دوران ماڻهن کي ٻڌائي رهيو آهيان ته آمريڪا اڃا به موجود آهي. اسان اڃا به ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ پاڪستان جي غريب ترين ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقن جي نئين سر اڏاوت توڙي بحالي ۾ سهڪار جاري رکنداسين.

اسان پاڪستان کي خاص ڪري پاڻي، تعليم ۽ صحت جي سار سنڀال جي شعبن ۾ فوري گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهيون.
گذريل ڏينهن، مون سنڌ ۾ تعمير ٿيندڙ 106 اسڪولن مان 100هين اسڪول جو افتتاح ڪيو، جيڪو عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي (USAID) جي مالي سهائتا سان تعمير ڪيا پيا وڃن. جديد ترين سهولتن سان قائم اسڪول ۾ سائنس، ڪمپيوٽر ليبز، هڪ لائبريري ۽ جديد فرنيچر شامل آهن.
اهي اسڪول 80 هزار کان وڌيڪ شاگردن لاءِ ڪلاس رومز جي فراهمي سان گڏ ماحولياتي تبديلي جي اثرن کان محفوظ رهندڙ پناهگاهه جو ڪم به ڪن ٿا. جڏهن ته والدين ۽ مقامي ماڻهن سان لهه وچڙ جي سرگرمين لاءِ ڪز ي ڪردار پڻ ادا ڪري رهيا آهن.
مون خيرپور جي بنيادي صحت مرڪز جو به دورو ڪيو، ته جيئن پاڪستان ۾ غذائي کوٽ جي هنگامي صورتحال تي ڌيان ڇڪائي سگهجي. هي صحت مرڪز سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ اهم خدمتون مهيا ڪري رھيو آھي.
هتي اٽڪل 15 لک ٻارن کي اڃا تائين زندگي بچائيندڙ غذا مهيا ڪرڻ وارين خدمتن جي ضرورت آهي. اِن مسئلي تي گهڻو ڌيان ڏيڻ گهرجي.
اسان کي جنهن شعبي ۾ زبردست اڳڀرائي نظر آئي، اُهو پيئڻ جي صاف پاڻي تائين پهچ جو شعبو آهي. پيئڻ جي صاف پاڻي تائين پهچ آمريڪا پاڪستان سبز اتحاد جي اهم ڀاڱن منجهان هڪ آهي.
جيڪب آباد ۾ 3 لک کان وڌيڪ آبادي کي پاڻي، صفائي سُٿرائي ۽ صحت جي حفاظت بابت خدمتن تائين پهچ 3 ڪروڙ 67 لک ڊالرز جي هڪ معاهدي وسيلي ممڪن ٿي سگهي آهي.
عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي (USAID) جي مالي سهائتا سان پاڻي صاف ڪندڙ پلانٽ جو جائزو وٺڻ جو به موقعو مليو، جنهن جي مون کُليل دل سان آجيان ڪئي.
ٿوري دير اڳ مون کي دائي ڪميونٽي سان ملاقات جو موقعو مليو، جيڪي مائرن ۽ ٻارن جي موت جي شرح گهٽائڻ لاءِ اهم ذميواري نڀائي رهيون آهن. اُن موقعي تي مون آمريڪي عوام پاران 100 تائين ويم گهرن لاءِ اوزار ۽ ڪٽس ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ته جيئن ويم دوران ۽ اُن کانپوءِ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي سار سنڀال وارين خدمتن کي وڌيڪ بهتر ڪري سگهجي.
اهو به غذا ۽صحت جي حفاظت لاءِ اهم ضرورتون پوريون ڪرڻ وارين خدمتن جو اهم حصو آهي.
آمريڪا پاڪستان ۽ اُن جي وچولي طبقن سان گڏ بيٺل آهي ۽ رهندو، ڇاڪاڻ جو لکين پاڪستاني بحالي ۽ نئين سر اڏاوت جي ڪمن ۾ رُڌل آهن. انهن خدمتن ۾ اهڙا ڪم به شامل آهن، جن ۾ اسان غذائي کوٽ جا مسئلا حل ڪرڻ، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، تعليمي سهولتن جي اڏاوت، صاف پاڻي ۽ صفائي سٿرائي تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ جون ذميواريون نڀائي رهيا آهيون.
جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن جي بهتر صحت کي يقيني بڻائڻ لاءِ گهربل سامان جي فراهمي به انهي ڪم جو حصو آهي.