English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ضلعي ڪائونسل ٺٽي جو ٽيڪسيشن آفيسر منشيات سميت گرفتار
views
|
07th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
پوليس پاران عبدالڪريم ڪنڀار ۽ عبدالغني ڪنڀار وٽان منشيات ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ
ٺٽو(رپوٽ شفيق ڀٽي) ضلعي ڪائونسل ٺٽي جو ٽيڪسيشن آفيسر عبدالڪريم ڪنڀار پنھنجي ساٿي عبدالغني ڪنڀار سميت سرڪاري گاڏي ۾ منشيات سميت ميرپور ساڪرو ڀرسان پوليس ھٿان گرفتار، وڏي تعداد ۾ منشيات برآمد، ڪيس داخل. تفصيل موجب ايس ايڇ او ميرپورساڪرو انسپيڪٽر مظھر علي سومرو پوليس عملي سان گڏ سنيپ چيڪينگ دوران ميرپورساڪري لڳ ٽانڪاڻي اسٽاپ وٽ ڪاروائي ڪندي سرڪاري نمبر پليٽ واري ڪلٽس ڪار نمبر GSD 767 کي روڪي چيڪينگ دوران سرڪاري ڪار مان پوليس کي 6640 پيڪٽ انڊين سفينا ۽ وڏي تعداد ۾ گٽڪو مائو برامد ڪري 2 منشيات فروشن ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي ٽيڪسيشن آفيسر عبدالڪريم ڪنڀار ۽ سندس ساٿي عبدالغني ڪنڀار کي گرفتار ڪري سرڪاري ڪار کي تحويل ۾ وٺي گرفتار منشيات فروشن خلاف ميرپور ساڪرو ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ساڪرو پوليس ڪيس داخل ڪري گرفتار جوابدارن کي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آھي، ٻئي طرف ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي چيو اھي تہ گرفتار ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي ٽيڪسيشن آفيسر عبدالڪريم ڪنڀار ۽ سندس ساٿي عبدالغني ڪنڀار کان وڏي تعداد ۾ سفينا چورو ۽ ٻئي منشيات هٿ ڪئي آهي، ھن چيو تہ گٽڪو ۽ منشيات وڏي لعنت آهي، ان ۾ ملوث جيڪو به ماڻهو گرفتار ٿيندو ان خلاف سخت ڪاروائي ٿيندي، پوءِ اهو چاهي سرڪاري ملازم هجي يا آفيسر، ھن چيو تہ سندن ڏوھارين توڙي منشيات فروشن جي خاتمي تائين ڪاروائون بنا ڪنھن وقفي جي جاري رھنديون، ڪوبہ ڏوھاري يا منشيات فروش قانون کان ڪڏھن بہ بچي نٿو سگھي.ٻي پاسي لوڪل گورنمنٽ پاران سخت ايڪشن کڻندي ڪريم ڪنڀار کي سسپينڊ ڪري مٿس انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
ضلعي ڪائونسل
ٽيڪسيشن آفيسر
ميرپور ساڪرو
0 تبصرے