English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ضلعي ڪائونسل ٺٽي جو ٽيڪسيشن آفيسر منشيات سميت گرفتار
115 views
|
07th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
پوليس پاران عبدالڪريم ڪنڀار ۽ عبدالغني ڪنڀار وٽان منشيات ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ
ٺٽو(رپوٽ شفيق ڀٽي) ضلعي ڪائونسل ٺٽي جو ٽيڪسيشن آفيسر عبدالڪريم ڪنڀار پنھنجي ساٿي عبدالغني ڪنڀار سميت سرڪاري گاڏي ۾ منشيات سميت ميرپور ساڪرو ڀرسان پوليس ھٿان گرفتار، وڏي تعداد ۾ منشيات برآمد، ڪيس داخل. تفصيل موجب ايس ايڇ او ميرپورساڪرو انسپيڪٽر مظھر علي سومرو پوليس عملي سان گڏ سنيپ چيڪينگ دوران ميرپورساڪري لڳ ٽانڪاڻي اسٽاپ وٽ ڪاروائي ڪندي سرڪاري نمبر پليٽ واري ڪلٽس ڪار نمبر GSD 767 کي روڪي چيڪينگ دوران سرڪاري ڪار مان پوليس کي 6640 پيڪٽ انڊين سفينا ۽ وڏي تعداد ۾ گٽڪو مائو برامد ڪري 2 منشيات فروشن ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي ٽيڪسيشن آفيسر عبدالڪريم ڪنڀار ۽ سندس ساٿي عبدالغني ڪنڀار کي گرفتار ڪري سرڪاري ڪار کي تحويل ۾ وٺي گرفتار منشيات فروشن خلاف ميرپور ساڪرو ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ساڪرو پوليس ڪيس داخل ڪري گرفتار جوابدارن کي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آھي، ٻئي طرف ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي چيو اھي تہ گرفتار ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي ٽيڪسيشن آفيسر عبدالڪريم ڪنڀار ۽ سندس ساٿي عبدالغني ڪنڀار کان وڏي تعداد ۾ سفينا چورو ۽ ٻئي منشيات هٿ ڪئي آهي، ھن چيو تہ گٽڪو ۽ منشيات وڏي لعنت آهي، ان ۾ ملوث جيڪو به ماڻهو گرفتار ٿيندو ان خلاف سخت ڪاروائي ٿيندي، پوءِ اهو چاهي سرڪاري ملازم هجي يا آفيسر، ھن چيو تہ سندن ڏوھارين توڙي منشيات فروشن جي خاتمي تائين ڪاروائون بنا ڪنھن وقفي جي جاري رھنديون، ڪوبہ ڏوھاري يا منشيات فروش قانون کان ڪڏھن بہ بچي نٿو سگھي.ٻي پاسي لوڪل گورنمنٽ پاران سخت ايڪشن کڻندي ڪريم ڪنڀار کي سسپينڊ ڪري مٿس انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
ضلعي ڪائونسل
ٽيڪسيشن آفيسر
ميرپور ساڪرو
0 تبصرے